بٺوري ۾ 2 چوري وارداتون، پوليس ستل

ميرپوربٺورو (ت ر) ميرپور بٺورو ۾ گذريل هڪ مهيني کان جاري ڏوهي وارداتن جو سلسلو رڪجي نه سگهيو آهي انهي سلسليگذريل رات دير سان ميرپوربٺورو جي مهرشاه چوڪ تي قائم مٺائي جي دڪان مان نامعلوم چور سامان ۽ روڪ رقم چوري ڪري فرار ٿي ويا، جڏهن ته ميرپوربٺورو جي سوھا محلہ هي هڪ گهر مان قيمتي ماليت جا موبائل فون چوري ٿي ويا آهن، انهي سلسلي ۾ متاثر  دڪاندار لالا سومرو ٻڌايو ته فرياد داخل ڪرائڻ جي ڪوشش تي پوليس تال مٽول ڪندي رهي ۽ زور بار ڀرڻ تي فقط اين سي داخل ڪري روانو ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته ميرپوربٺورو ۾ گذريل هڪ مهيني دوران ٽن ڦرن جي وارداتن جن ۾ پئٽرول پمپ تان ڏينهن ڏٺي جو ڦر ٿيڻ، پوليس اهلڪار کان ڦر جي ڪوشش ۽ ميرپوربٺورو جي کورواھ چوڪ تي وچ شهر مان دڪاندار کان لکين رپين جي ڦر جي وارداتن سميت احمد شاہ محلي مان اڍائي لک روپين جي سون جي چوري ۽ سماجي ورڪر جميل ڪلاتري جي موٽر سائيڪل چوري جون وارداتون ٿي چڪيون آهن ليڪن پوليس انتظاميا روايتي خاموشي کي برقرار رکندي ڏوهارين خلاف ڪوبه قدم نه کنيو آهي، هتان جي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ميرپوربٺورو ۾ وڌندڙ بدامني تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڄاڻايو آهي ته ميرپوربٺورو ۾ نااهل پوليس انتظاميا کي هٽائي ڏوهي وارداتن تي ضابطو آندو وڃي ۽ شهرين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

  • فريد آباد  لڳ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 6 ڄڻا زخمي

فريدآباد ( ن ع آ ) فريدآباد  لڳ ڳوٺ مٿين اکڪڍائي ۾ رستي مان ڪراس ڪرڻ تان چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ رات دير سان جھيڙو ٿي پيو جـنھن ۾ لٺيون ۽ ڏنڊا لڳڻ ڪري ھڪ ڌر جا حسين چانڊيو ـ امجد چانڊيو ـ امتياز چانڊيو ، جلال چانڊيو، زاھد چانڊيو، علي چانڊيو ٻي ڌر جا شاھد چانڊيو  ۽ مير چانڊيو  سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا ـ جن کي فريدآباد  ٿاڻي تان ليٽر ملڻ بعد اسپتال داخل ڪيو ويو ـ جڏهن ته امجد چانڊيو  ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي منتقل ڪيو آهي ھوڏانھن  ڌرين جي ھڪ ٻي مٿان 6 ڄڻن تي ايـ سي داخل ڪرائي وئي آهي جڏهن ته فريدآباد  پوليس جھيڙي واري جاء تي پھچي جائزو ۽ تفصيل ورتا ـ جڏهن ته ٻنھي ڌرين مان گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگھي آهي ـ جڏهن ته ٻنھي ڌرين وچ ۾ ٻيھر جھيڙي جا امڪان آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.