خانپور مهر لڳ ڪارنهن تڪرار تان جهيڙو، ٻه ڄڻا زخمي، ڌرڻو

خانپورمهر ( رپورٽ: ميهر مهر ) خانپورمهر ويجهو ڳوٺ ڦوڳيو پتافي ۾ مبينا طور ڪارنهن معاملي تان پتافي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي ۾ لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب انعام پتافي ۽ محمد پتافي زخمي ٿي پيا، زخمين کي وارث خانپورمهر ٿاڻي تي کڻي آيا جتان پوليس ليٽر ملڻ بعد کين شيخ همدان بن محمد اسپتال داخل ڪيو ويو، هوڏانهن زخمين جي وارثن پاران گلشير ۽ گل حسن پتافي جي اڳواڻي ۾ حملي خلاف توڙي انصاف لاءِ اسپتال ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن ميڊيا کي ٻڌايو ته جوابدار وزير پتافي، صوبل پتافي، فضل، بخت ۽ ٻين حملو ڪري ٻن نوجوانن کي شديد زخمي ڪري وڌو آهي، هنن چيو ته اصل معاملو پيسن جي ڏيتي ليتي جو آهي اسين جڏهن پئسا گهريا سين ته جوابدارن ڪارنهن جو ڪوڙو الزام لڳائي اسان تي حملو ڪيو، جنهن ۾ اسان جا 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، هنن وس وارن کان انصاف جو مطالبو ڪيو، ٻئي طرف اهڙي معاملي جي خانپورمهر ٿاڻي تي اين سي رپورٽ داخل ڪئي وئي، جڏهن ته پوليس ٻن ڄڻن فضل ۽ وزير پتافي کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.