ٺري جي آبادگارن جو شاخ تي دڪو هڻڻ خلاف ڌرڻو، ٽائر ساڙيا ويا

ٺري ميرواهه  (رپورٽ : ايم صالح شر ) ميرواھه ڪئنال مان نڪرندڙ سونواھ شاخ تي ايريگيشن عملي پاران دڪو هڻڻ خلاف آبادگارسراپا احتجاج   سونواه شاخ جي مٿان بيهي  احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي مظاهرين  الهوسايو انڙ .رياض رند .علام الله .بگن اڄڻ .غلام جعفر سولنگي ۽ ٻين احتجاج ڪندي الزام هڻندي چيو ته انجنيئر ايريگيشن خيرپور فيضگنج تعلقي جي با اثر وڏيرن جي وانگار وهندي انهن تائين پاڻي پهچائڻ خاطر هٿ سان ميرواه ڪئنال مان نڪرندڙ سونواه شاخ کي  بند ڪري ڇڏيو آھي  فيضگنج جي سردارن جي حڪم تي شاخ کي هٿرادو دڪو هنيو ويو آهي جنهنجي ڪري اسان مسڪين جا فصل سڪي ٿا وڃنن يا ٿين ئي نٿا هيئر وارو فصل اسانجي ٻچن جي پٽ ڍئو ڪرڻ لاء ڪڻڪ ڪاهيندا آهيون پاڻي ناهي ڪاڏي وڃون جنهن سبب واٽر ڪورس 12 “13“14“۽ 15 تي پاڻي نه ٿو پهچي هينئر ڪڻڪ پوکي جي موسم آھي جنهن سبب اسان  سخت پريشان آهيون   هنن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي آھي ته خداراھ سونواھ آر ڊي نمبر وٽان لڳل دڪو هٽائي پاڻي کولي آبادگارن سان انصاف ڪيو وڃي ۽ سردارن کي خوش ڪرڻ لاء غيرقانوني شاخ جو دڪو هٽائي اسانکي قانوني طور جو پاڻي ڏنو  ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

  • آبادگارن کي وقتائتا فيصلا ڪرڻ گهرجن : جھانزيب زين آرائين

نوابشاھ( ڊ ر ) پڪا وائرڪورس ٺھرائي پاڻي بچايو سائنسي طور تي فصل پوکي اپت وڌايو اھڙن

خيالن جو اظھار جھانزيب زين آرائين ڊپٽي ڊائريڪٽر سائپيب سنڌ ايريگيٽيڊ ايگريڪلچر پروڊڪٽوتي اتھاسمينٽ پروجيڪٽ شھيد بينظير آباد ڳوٺ محمد خان لرا، آبادگار محمد اشرف لرا جي اوطاق تي ھڪ زرعي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو ھن وڌيڪ چيو تہ جيڪي آبادگار محنت ڪن ٿا اھي ڪامياب ۽ ڪامران ٿين ٿا، انجنيئر سجاد ڪانڌڙو فيلڊ ٽيم انچارج چيو تہ ھن وقت آبادگارن کي وقتاتا ۽ بھتر فيصلا ڪرڻا پوندا تہ جيئن زمين جي سنوت نج ٻج جي استعمالي پاڻي جو صحيح استعمال ڪرڻ وقت جي ضرورت آھي،غلام سرور اڄڻ (ايس ايم ايس) ويچار ونڊيندي چيو تہ زراعت عبادت آھي پاڻي نعمت آھي جيڪي ماڻھو فرض جي ادائيگي سان سچا ھوندا آھن تاريخ ۾ انھن جا نالا سونھري اکرن سان لکيا ويندا آھن،سمال گرو ورس ايسو سي ايشن جي چيئرمين صالح بلو چيو تہ اسان آبادگارن کي پڪا وائرڪورس ٺھرائڻ گھرجن پاڻي ضايع ٿين کان بچائڻ لاءِ وائرڪورس پڪو ھئڻ ضروري آھي انجنيئر غلام شبير بروھي ڊرپ ايريگيشن سسٽم تي ڳالھائيندي چيو تہ ھن نظام تحت آبادگارن مفيد فائدو حاصل ڪندا، انجنيئر عتيق ميمڻ ماحولياتي گدلاڻ متعلق مشورو ڏيندي چيو تہ وڌ کان وڌ وڻ پوکيا وڃن، سوشل مبلائيزر آفيسر بينظير انڙ چيو تہ اسان جي معاشري ۾ عورتن جو وڏو ڪردار آھي، جاويد عباسي، محمد اشرف لرا، انجنيئر سعيد مُغل چيو تہ ھن قسم جي پروگرامن ڪرائڻ سان جاڳرتا پيدا ٿئي ٿي جڏھن تہ ھن پروگرام ۾ آبادگارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

  • ميهڙ ۾ سيمينار، سارين جي ٻج بابت ڄاڻ ڏني وئي

ميهڙ (ن ع آ) ميھڙ ۾ سن ڪراپ گروپ جي طرفان آبادي گارن لا۽ ڳوٺ علي حيدر جھتيال ۾ سيمينار منقد ڪيو ويو جنھن ۾ چائنا مان آيل مس ليزا جنرل مينيجر سنڌ وقار احمد شمسي ريجنل سيلز مينيجر پيار علي پنھور ايريا سيلز مينيجر محمد صديق جمالي ايريا سيلز مينيجر صمد منير آرائين ايريا سيلز مينيجر شيراز پنھور فيلڊ آفيسر عرفان گل چنا سميت سيمينار ۾ مختلف ڳوٺن کان آيل آبادگارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي چائنا مان آيل مس ليزا جنرل مينيجر سنڌ وقار احمد شمسي سيلز مينيجر پيار علي پنھور ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ھنن چيو ته اسان جو سيمينار ڪوٺائڻ جو مقصد اھو ھيو ته اسين سن ڪراپ گروپ جي طرفان اچي ڪري ھائبرڊ سارين جو ٻج جون ورئٽين بابت آبادگارن کي آگاهي ڏيون جنھن مان ھنن جي پيداوار وڌي ۽ ھنن کي فائدو ٿئي ھن چيو ته ھن مھانگائي جي دور ۾ ھائبرڊ سارين جو ٻج ئي آھي جيڪو آبادگارن کي سٺي پيداوار ڏئي سگھي ٿو سن ڪراپ گروپ جي تمام بھترين ڪوشش آھي اھي آبادگارن کي آگاهي ڏيڻ لا۽ سيمينار منقد ڪرايا پيا وڃن ھنن چيو ته ڊائمنڊ ھائبرڊ سارين جو ٻج استعمال ڪرڻ سان آبادگارن کي بھترين فائدو ٿيندو ۽ انھن جو فصل سٺو ۽ پيداوار ۾ اظافو ٿيندو ھنن چيو ته آبادگارن کي گھرجي ته گهڻي کان گھڻو پنھنجي فصلن ۾ ڊائمنڊ ھائبرڊ سارين جو ٻج استعمال ڪن اسين ھتي آبادگارن کي آگاهي ڏيڻ لا۽ سيمينار ڪوٺايو آھي جنھن مان ھتان جي آبادگارن کي سٺي ڄاڻ ملي سگھي جنھن مان ھو فائدو وٺي سگھن.

  • ڪلوئي ۾ پاڻي لاءِ آبادگارن جو احتجاج

ڪلوئي (ت ر) ڪلوئي جي رڻ شاخ ڏيپلو مائنر جي آبادگارن محمد عيسي لنڊ آدم لنڊ يار محمد لنڊ دادان لنڊ جي اڳواڻي ۾ اڄ نائين ڏينهن به بک هڙتال جاري رهي انهي موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته آبپاشي عملي جي نااهلي سبب اسان جي حصي جو پاڻي مٿي منڊ ۾ سري عام وڪرو ٿي رهيو آهي ڪير نوٽيس وٺڻ وارو نه آهي هنن چيو ته اسان جي واري ۾ تمام پاڻي گهٽ ڇڏيو ويو آهي جنهن ڪري اسان تباهه ٿي ويا آهيون ھنن چيو ته اسان مجبورن ٿي هي احتجاجي بک هڙتال ڪئمپ قائم ڪئي آهي ٻن ڏينهن اندر اسان کي پنهنجي حصي جو پاڻي نه ڏنو ويو ته اسان ٿر ڪول روڊ بلوچ آباد وٽ روڊ تي ڌرڻو هڻندا سين هوڏانهن آبپاشي عملي موقف ڏيڻ کان لنوائي ڇڏيو.جنهن ڪري سندن موقف معلوم نه ٿي سگهيو آهي.

  • ڀرياسٽي جي  شاخ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ، ڪڻڪ پوکي نه ٿي، آبادگار پريشان

ڀرياسٽي ( رپورٽ: مجيد ڪيريو ) ڀرياروڊ سانگي شاخ ۾ هٿرادو پاڻي جي کوٽ جو سلسلو جاري منڍ جي آبادگارن ڏينهن ڏٺي جو سرعام زيرو آرڊي کان سئو ٻه آرڊي تائين جهٽاهڻي لاقانونيت قائم ڪري ورتي، آبپاشي عملدار منڍ جي آبادگارن وٽ يرغمال بڻيل، اسان ڪڻڪ جي پوکي نه ڪري سگهيا آهيون، لکين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي پڇڙي ۾ جانورن لاءِ پاڻي ناهي، آبادگار  ڀرياسٽي روهڙي ڪينال مان نڪرند سانگي ڊسٽري منڍ جي آبادگارن ڏاڍ قائم ڪري ورتو سرعام قانون جي لتاڙ جا جاري بااثرن  آر ڊي زيرو پوائنٽ کان 102 تائين ڏينهن رات شاخ جي اندر ٽيڪٽرن وسيلي مستقل  جهٽن وسيلي پاڻي چوري ڪري رهيا آهن، پڇڙي جي آبادگارن منڍ جي آبادگارن سان روز ڏند چڪ جو سلسلو جاري ڪنهن به وقت جاني نقصان ٿيڻ جو خدشو  آهي پڇڙي جي آبادگارن امتياز چانڊيو، طالب ڪيريو، مجيد ڪيريو ۽ ٻين ٻڌايو ته اسان ڍينگو شاخ پڇڙي جا آبادگار آهيون اسان وونئڻن جي فصل کان وٺي پاڻي ناهي منڍ جا آبادگار ڏاڍ تي سانگي شاخ ۾ سرعام ڏينهن رات ٽيڪٽرن وسيلي لفٽ مشينون هڻي پاڻي چوري ڪري رهيا آهن، پر اسان مسلسل احتجاج ڪري رهيا آهيون ڪير به ٻڌڻ جي لاءِ تيار ناهي هنن ٻڌايو ته اهڙي ڏاڍ جي دانهن وڊيو ثبوتن سان انجنيئر روهڙي ڪينال شبير ڀٽو، ايس ڊي او سانگي شاخ، حاجي اصغر عالماڻي کي ڏنيون آهن پر بااثرپاڻي چوري ڪندڙن خلاف هن مهل تائين ڪابه ڪاروائي نه ٿي سگهي آهي، ايس ڊي او اصغر عالماڻي کي هٽائي پڇڙي ۾ پاڻي فراهم ڪيو وڃي.

  • ڀان ۾مختلف شاخن جي آبادگارن جو پاڻي کوٽ خلاف ڌرڻو

ڀان سيدآباد ( ن ع آ )ڀان سيدآباد ۾ آبادگارن پاران مختلف شاخن ۾ زرعي پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف آبادگار اڳواڻ ڪامل پنهور، منظور جمالي، اختر جمالي، نواب دل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پيرشاخ وٽ احتجاج ڪيو، آبادگارن ۽ آبپاشي ايس ڊي او ڀان سيدآباد وجي ڪمار وچ ۾ پاڻي کوٽ بابت منهن ماري پڻ ٿي، جنهن دوران آبپاشي عملي پوليس کي طلب ڪيو، آبادگارن پاران پاڻي کوٽ ختم ڪرڻ لاء نعريبازي ڪئي وئي، احتجاج دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي آبادگارن چيو تہ آبپاشي عملدارن هٿرادو زرعي پاڻي جي کوٽ پيدا ڪئي آهي، دائم برانچ، دل شاخ، اڪتڙ شاخ، ڀان مائينر شاخن ۾ پاڻي جي هٿرادوکوٽ پيدا ڪئي وئي آهي، پاڻي گهرڻ تي آبپاشي عملدار پوليس گهرائي حراسان پيا ڪن جيڪا وڏي ناانصافي آهي، هنن چيو تہ زرعي پاڻي نہ ملڻ ڪري آبادگارن جون زمينون سڪي ويون آهي،ڪروڙين روپيا نقصان پهچي رهيو آهي، لکين ايڪڙ زرعي زمينون آباد ناهن ٿيون، آبپاشي عملدارن پاڻي جي هٿرادوکوٽ پيدا ڪئي آهي، پاڻي گهرڻ تي پوليس گهرائي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن،هنن چيو تہ آبپاشي عملدار پاڻ منڍ جي بااثر آبادگارن کان لکين روپيا رشوت وصولي کين پاڻي چوري جي اجازت ڏين ٿا، پيرشاخ جي منڍ ۾ ٽريڪٽرن ذريعي پاڻي چوري پيو ٿئي، چيف سيڪريٽري سنڌ ممتاز شاه جي زمينن کي آباد ڪرڻ لاء پاڻي ڏنو وڃي ٿو باقي عام آبادگارن توڙي هارين کي هٿ وٺي تباه ڪيو پيو وڃي، هنن آخر ۾ چتاء ڏيندي گهر ڪئي تہ وزيراعلي سيد مرادعلي شاه پاڻي کوٽ پيدا ڪندڙ آبپاشي عملدارن خلاف ڪاروائي ڪري پاڻي فراهم ڪرائي، ٻي صورت ۾ آبادگار مجبور ٿي اڄ ڇنڇر ڏينهن وڏي وزير جي گهر اڳيان واهڙ ۾ ڌرڻو هنيو ويندو جيڪو زرعي پاڻي ملڻ ۽ نااهل آبپاشي ايس ڊي او ۽ انجنيئر کي هٽائڻ تائين احتجاج جاري رهندو.

  • ڪڍڻ ۾ مور  شاخ جي پوڇڙ جي آبادگارن جو ڌرڻو

ڪڍڻ) رپورٽ بابو کوسو( اڪرم واھ جي سب ڊويزن ڪڍڻ جي مور  شاخ جي پوڇڙ جي آبادگارن جو شاخ جي ٽيل ۾ پاڻي ٽيل نه  ڪرڻ  سبب  احتجاجي مظاھرو ڇتي نعريبازي انکانسواء ڊاريڪٽر ھٽائڻ جو مطالبو پاڻي ٽيلن ۾ پھڇائڻ لاء آبادگار سراپا پاڻي جي پڪار بڻجي ويا ڳوٺ جھانجھو دل  اسماعيل ڀٽي عبدالحق ملاح وڏيرو خداخش منڌرو بھادر خان لنڊ فقير ناٿو خان لنڊ جي ڳوٺاڻن احتجاجي مظاھري کي خطاب ڪندي  محمد اسماعيل ملاح منٺار ڀٽي پيربخش ڀٽي عبداللھ لنڊ مامو خاصخيلي غفور چانڊيو غلام شبير لنڊ محمد حسين ملاح ۽ ٻين پوڇڙ جي  آبادگارن جو ٽيل ۾ پاڻي نه پھچڻ خلاف مظاھرو ۽۔  گڏ ٿيل عوام جي احتجاجي مظاھري کي خطاب ڪندي  ھنن اڳواڻن چيو ته اڪرم واھ جنھن جي پوڇڙ ۾ آباد آھيون پر صرف ٻارھو پاڻي ھئڻ جا سکڻا دلاسا ڳالھيون ٻڌون ٿا سالن کان پوڇڙ ۾ پاڻي نٿو پھچي واھن جون  ڪرپشن سبب مڪمل انفرااسٽيڪچر تباھ آھي بيڊ ليول ٽٽڻ واٽر ڪورسن جي ٽيمپرنگ ٿيڻ بااثر ڌرين کي مڪمل ايريگيشن عملي جو آشيرواد ھجڻ ڪري ٽيلون ھاڻي مڪمل سڪي سڙي تباھ ٿي ويون آھن  فصلن جو آسرو ڪونھي ھاڻي پيئڻ جي پاڻي لپ لاء پريشان آھيون مال متاع پکي سڄي جيوت فطرت وڻ ٽڻ ماحوليات سڀ پاڻي جي کوٽ سبب تباه ٿي ويا آھن بکن جي ڪري ٻارڙن ۾ موت جو راڪاس لامارا پيو ڏي عام  ھڪ ماڻھو ڇڏي ٻيو ماڻھو ٽي بي خارش بک جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آھن سڃي علائقي ۾ ۾ راڪاس گھميل آھي سرسبز شاداب علائقو رڻ پٽ رڃ جو ڏيک ڏي ٿو اڳئين ھن علائقي ۾ ھن وقت ھر پاسي ساوڪ ساوڪ ھوندي ھئي ھاڻي سيم ماڻھن جي رھڻ جھڙي ناھي رھي مظاھري کي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته چونڊيل نمائندا علائقي کان لاتعلق آھن سرڪار جي رٽ آھي ڪونه ھنن جيو ته جلد کان جلد واھن جي لائننگ ڪئي وڃي ايريگيشن جي  رٽ بحال ڪئي وڃي ايريگيشن عملي جي پيٽرولنگ وڌائي وڃي ڪڍڻ سب ڊويزن کي پورو پاڻي جو گيج ڏئي ٽيلن آباد ڪيون وڃن ھنن ھاء ڪورٽ ۾ وڃڻ جو پڻ اعلان ڪيو ھنن چيو ته سالن کان سراپا احتجاج آھيون نه ته اڪرم واھ جي منڍ مان پاڻي جي ٿيندڙ چوري بند ڪرائي وڃي نه پوڇڙ ۾ پاڻي ڏنو ٿوڃي جنھن سب سڄي علائقي ۾ معاشي قتلام ۽ دھشت گردي فھلائي پئي وڃي جنھن خلاف عوام جي احتجاج سان گڏ قانون جو در به کڙڪائينداسين.

  • اڏيري لال ڀرسان واهه جي ڪپرن تي قبضا برقرار

اڏيرولال اسٽيشن (ن ع آ) آبپاشي کاتي هن مهل تائين کوڙ ساريون گڏجاڻيون ڪيون آهن، پر انهن گڏجاڻين مان صرف خانا پوري ڪرڻ لاءِ ڪاغذن جي هيراڦيري ڪري سنڌ هاءِ ڪورٽ سميت آبپاشي کاتي جي اختيارين کي ڪوڙيون رپورٽون موڪليون ويون آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ آبپاشي کاتي پاران هڪ گڏجاڻي نوابشاهه ۾ ڪوٺائي وئي هئي، پر معامعلو جيئن جو تيئن برقرار آهي. آبپاشي کاتي جي هزارين ايڪڙن تي هن وقت به عملدارن جي عمل دخل سان قبضا برقرار آهن. اوڏيرولال اسٽيشن مٿان وهندڙ روهڙي ڪينال مان نڪرندڙ نصير ڪينال تي اڄ به سگهارين ڌرين جا قبضا برقرار آهن. روهڙي ڪينال مان نڪرندڙ نصير ڪينال جي منڍ کان پوڇڙ تائين سوين ايڪڙ زمين تي بااثر ماڻهن قبضا ڪري ورتا آهن، نصير واهه جي منڍ ۾ ئي هن وقت به بااثر ماڻهن قبضا ڪري ورتا آهن، ڏهه دري موري لڳ نصير واهه جي منڍ وٽ آبپاشي جي زمين تي بااثر ماڻهو پوکي ڪري رهيا آهن. جڏهن ته اڏيرولال اسٽيشن کي ٻين شهرن سان ملائيندڙ صالح شاهه موري تي پڻ بااثر ماڻهن قبضا ڪري دڪانون، هوٽلون تعمير ڪرائي ورتيون آهن. صالح شاهه موري وٽ قبضا هجڻ سبب پل لاءِ آيل لکين رپيا پڻ صحيح نموني استعمال نه ٿي سگهيا ۽ رقم هيڏانهن هوڏانهن ٿي وئي. نصير ڪينال تي فاضلاڻي موري وٽ پڻ وڏي پيماني تي واهه جي ٻنهي ڪپرن تي دڪانون ٺهي چڪيون آهن. آبپاشي جي زمينن تان فوري طور تي قبضا ڇڏرايا وڃن، آبپاشي عملدارن جي ملي ڀڳت هجڻ سبب جڙتو آپريشن ڏيکاري اختيارين کي غلط رپورٽون پيش ڪيون ويون ۽ آبپاشي کاتي جي سوين ايڪڙن زمين ۽ واهن جي ڪپرن تي قبضا اڄ به برقرار آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.