لاڙڪاڻي جي عدالت ۾ ڏوهه ثابت، جوابدارن کي عمر قيد

لاڙڪاڻو ( ڊ ر ) لاڙڪاڻي جي ڇهين ايڊيشنل سيشن جج سهيل پرويز قريشي جي عدالت ۾ لاڙڪاڻي ڀرسان پير شير ايٽ عاقل ٿاڻي جي حد ۾ ٽي سال اڳ قتل ٿي ويل ٻن ڀائرن سميت ٽن ڄڻن قربان سندس ڀاءُ مشتاق جتوئي ۽ غلام مصطفيٰ جتوئي واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جتي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عدالت ڪيس ۾ نامزد ٽن جوابدارن عبدالستار پٽ محمد دين، فرمان علي پٽ در محمد جتوئي ۽ محمد يوسف پٽ غلام سرور جتوئي کي عمر قيد ۽ 50، 50 هزار روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائڻ سان گڏ هر مقتول جي وارث کي 5، 5 لک روپيه معاوضو ادا ڪرڻ جو فيصلو ڏئي ڇڏيو، ڏنڊ جي رقم ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ جوابدار وڌيڪ 6، 6 مهينا قيد ڪاٽيندا. واضع رهي ته 14 جون 2018ع تي عاقل ٿاڻي جي حد ۾ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين هلندڙ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ ڪري ٻن ڀائرن سميت ٽن ڄڻن قربان، مشتاق احمد ۽ غلام مصطفيٰ جتوئي کي قتل ڪري ڇڏيو هو جنهن واقعي جو ڪيس مقتولن جي وارث عورت حسنه جتوئي جي فرياد تي حد جي پير شير ايٽ عاقل ٿاڻي تي گناهه نمبر 2018/17 قلم 302 تحت 25 جوابدارن مٿان داخل ڪيو ويو ساڳي ئي ڪيس ۾ 22 جوابدار روپوش آهن. هوڏانهن سزا بعد ٽنهي جوابدارن کي لاڙڪاڻو سينٽرل جيل منتقل ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.