جمشيد چنا جي خون سان انصاف ڪريو، شاهپور جهانيان ۾ احتجاج

شاهپور جهانيان ( ن ع آ ) شاهپور جهانيان جي صحافي نعيم چنا جي ماروٽ ڀان سعيد آباد وچ شهر بااثرن جي فائرنگ سبب شهيد ٿي ويل جمشيد چنا جي خون سان انصاف نه ٿيو، پوليس ڀوتارن جي ونگارو بڻجي خاموش تماشائي بڻيل ،ايس ايڇ او ڀان ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو شاهپور جهانيان پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو، ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي نعيم احمد چنا ،غلام شبير چنا، ممتاز علي ٻگهيو ۽ ٻين چيو ته ڀان سعيد آباد پوليس جي لاپرواهي سبب شهيد جمشيد چنا جا قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا آهن، هن وقت تائين ڪا به گرفتاري عمل ناهي آئي جڏهن ته وچ شهر ۾ بااثرن جي فائرنگ ڪئي وئي آهي، ان جي قانون مطابق اي ٽي سي ايف آءِ  آر ٿيڻ گهرجي ها، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ڪا به ايف آءِ  آر نه ٿي سگهي آهي ۽ پوليس کي مليل پئسن عيوض قاتل سرعام شهر ۾ گهمندي ڦرندي نظر اچي رهيا جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي،وڏو وزير، ايس ايس پي ڄامشورو ۽ ٻيا وس وارا نوٽيس وٺن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.