تنگواڻي ڀرسان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 4 ڄڻا زخمي

تنگواڻي (ن ع آ) ڳوٺ ربن ڏاھاڻي ۾ ڏاھاڻي ۽ باجڪاڻي برادري جي ٻن ڌرين فصل جي ڀيل تان جھيڙو لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب ٻنھي ڌرين جا 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ عبدالله ڏاھاڻي، عبيدالله ڏاھاڻي،نورحسن باجڪاڻي ۽ ٻيا شامل آهن،زخمين کي اسپتال منتقل ڪيوويو،آخري  اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نہ ٿي سگهيو آهي.

  • ٻارڙن کي ارڙي ۽ روبيلا کان بچاءِ جا ٽيڪا لڳايو: برهان خان  چانڊيو

قمبر ( ڊر ) قمبر ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيس ۾ارڙي کان بچاءَ  لاءِ ٽڪا لڳائڻ جو افتتاح پ پ،ايم پي اي برهان خان چانڊيو ڪيو، ان موقعي تي برهان خان چانڊيو چيو ته ارڙي ۽ روبيلا جهڙي موذي مرض لاءِ پنهنجي گلن جهڙي ٻارڙن کي 9 مهينن کان 15 سالن جي عمر جي معصوم ٻارڙن کي ٽڪا لڳرائي بيماري کان محفوظ رکي سگهجي ٿو،ڊي ايڇ او قربان مگسي،الطاف ٻرڙو،سيد صادق علي شاهه،حسين جهتيال،ڊاڪٽر نازيه پيچوهو چيو ته اسان جون ٽيمون ڳوٺن ۽ شهر جي محلن اسڪولن مسجدن ۽ ويڪسينيشن جي عارضي سينٽر تي موجود هوندي جتي پنهنجي معصوم ٻارڙن کي وٺي اچو ۽ ارڙي جهڙي خطرناڪ جان ليوا بيماري جي بچاء جا ٽڪا لڳرايو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.