ٽنڊي آدم ۾صحافي ممتاز حيدري جي والد جي ورسي تقريب

ٽنڊوآدم (ن ع آ  ) ٽنڊوآدم جي سينيئر صحافي  ممتاز علي حيدري جي والد علمي ادبي سماجي شخصيت خاصخيلي برادري جي بزرگ اڳواڻ مرحوم فقير محمد آچرخاصخيلي جي اٺين ورسي جي سلسلي ۾ ھڪ مک تقريب  ٽنڊوآدم لطيف گيٽ خاصخيلي ھائوس ٿي گذري  جنهن پاڪستان خاصخيلي تنظيم جي مرڪزي سينئر نائب صدر حاجي عبدالرحمان خاصخيلي پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ سردار عامر حسين خاصخيلي صلاح الدين سھتو حاجي ڌڻي بخش عبدالله خان حاجي محمد يونس خاصخيلي رئيس غلام عباس علي عباس بوزدار جماعت اسلامي يوٿ ونگ جي صوبائي اڳواڻ فيصل غفور انصاري وڏيرو محمد ايوب خاصخيلي عالمي مجلس تحفظ ختم النبوت جي اڳواڻ علامه محمد راشد مدني ملڪ ارشاد علي ذوالفقار علي خاصخيلي محمد عثمان عبدالرزاق محمد ابراهيم سردار عبدالرحيم الله ڏنو خاصخيلي وسيم احمد لودھي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته مرحوم فقير محمد آچر خاصخيلي فقيراڻي طبيعت جو مالڪ هو مرحوم فقير محمد آچر خاصخيلي  رڳو خاصخيلي برادري جو نه پر انسان ذات سان تعلق رکندڙ ن محبوب شخص هو مرحوم تعليمي شعور پکيڙڻ لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪيائين مرحوم فقير محمد آچر خاصخيلي سدائين غريب مسڪين ماڻهن جي حقن لاءِ جدوجھد ڪئي. فقير صاحب سنڌ جي عظيم بيتاج صوفي بزرگ شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو پوئلڳ هو انسانيت جي خدمت کي عبادت سمجهي ڪندو ھو مرحوم پنهنجي زندگيءَ۾ 500 کان وڌيڪ غريب نياڻين کي ڏاج جو سامان فراھم ڪري گھر آباد ڪيا. ان کان علاوه مسجدون مسافر خانه بي گھر ماڻهن کي اجھا ٺھرائي ڏنا مرحوم فقير محمد آچر خاصخيلي غريبن جو ھڏ ڏوکي انسان دوست ماڻهو ھن جي ڪيل خدمتن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي الله پاڪ مرحوم کي جنت۾جايون ڏئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.