هوسڙي ڀرسان عورت کي بچائيندي موٽرسائيڪل سوار فوت

ھوسڙي (ن ع آ) حيدرآباد ٽنڊومحمد خان روڊ تي زيل پاڪ مارڪيٽ وٽ ٽنڊو محمد خان طرف ايندڙ موٽرسائيڪل سوار سامھون اچانڪ روڊڪراس ڪرڻ لاء عورت اچي وئي جنهن کي بچائيندي موٽرسائيڪل سوار روڊ جي ديوار سان ٽڪرائيجي ويو جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان  نامعلوم موٽرسائيڪل سوار  شديد زخمي ٿي پيو. جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ مقامي ماڻھن  سيول اسپتال حيدرآباد کڻائي ويا. جتي موٽرسائيڪل سوار نوجوان زخمن جي سٽ نه سھندي فوت ٿي ويو. فوتي نوجوان جي سڃاڻپ نه ٿيڻ ڪري سندس لاش کي امانت طور سرد خاني ۾ رکيو.ٻئي طرف واقعي واري ھنڌ  سائيٽ  پوليس پھچي حادثي جو شڪار ٿيل موٽرسائيڪل پنهنجي تحويل ۾ ورتو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.