سکر ۾ گئس جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ، اڪثر علائقن ۾ هوٽلن تي رش

سکر( رپورٽر) سکر شهر ۾ گئس جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري، اڪثر علائقن ۾ ماني پچائڻ وقت گئس جي فراهمي بند، شهرين جو هوٽلن تي رش، احتجاج، خبرموجب سنڌ جي ٽين وڏي تاريخي شهر سکر ۾ سئي سدرن گئس ڪمپني انتظاميا جي نااهلي سبب سئي گئس جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو آزار وڌي ويو آهي. شهر جي پراڻو سکر، رائل روڊ، پيرزادا روڊ، بکر چوڪ، مائيڪرو ڪالوني، نئون پنڊ، نئون ڳوٺ،اسلام ڪالوني سميت اڪثر علائقن ۾ صبح، منجھند ۽ شام جو ماني پچائڻ وقت گئس جي فراهمي بند رهي ٿي. جنهن سبب شهري هوٽلن تان ماني وٺي واپرائي رهيا آهن. ان ڏس ۾ شهرين احتجاج ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته شهر ۾ گئس جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.