ڊکڻ ڀرسان قتل ڪيس جو جوابدار گرفتار، لاڪپ حوالي

ڊکڻ (ن ع آ) ڊکڻ ڀرسان غلام شاھ پوليس پاران قتل ڪيس ۾ گهربل جوابدار مڪن لاشاري کي گرفتار ڪرڻ جي دعوه ڪئي آهي، ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ غلام شاهه  پوليس ٻڌايو ته  ڏيڍ مهينو اڳ قتل ٿي ويل محمد رمضان ٿهيم جي قتل ڪيس ۾ گهربل جوابدار مڪن لاشاري کي رتوديرو جيڪب آباد انڊس هاءِ وي روڊ جنت شاخ وٽ گرفتار ڪري غلام شاھ ٿاڻي تي لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي.

 

  • قمبر پوليس جي ڪارروائي، جوابدار گرفتار

قمبر ( ڊر ) قمبر شهدادڪوٽ ايس ايس پي ڊاڪٽر سمير نور چنه ضلعي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن تيز ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون نصير آباد ٿاڻي جي حد مان ڪجهه ڏينهن اڳ دڪاندار کان روڪ رقم ڦر ڪندڙ جوابدار پوليس مقابلي ۾ زخمي حالت م گرفتار ڪرڻ دعوي ڪئي آهي پوليس جو چوڻ هو ته پوليس معمول موجب باڊهه روڊ تي گشت ڪري رهي ته جوابدار ڏوھ جي ارادي سان بيٺل هئا جوابدارن پوليس کي ڏسي فائرنگ ڪري ڏني پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ جوابدار صغير عرف اگو ڪانڌڙو کي گرفتار ڪري ورتو.

  • چيئرمين سنڌي ادبي بورڊ پاران اسد جمال پلي سان ڀاءٌ جي لاڏاڻي تي تعزيت

ڄامشورو (ڊ ر) چيئرمين سنڌي ادبي بورڊ مخدوم سعيد الزمان ’عاطف‘ بورڊ آف گورنرس جي ميمبر ڊاڪٽر اسد جمال پلي جي ڀاءُ اديب ۽ سينئر استاد سيف الله خالد پلي جي لاڏاڻي تي  ڏک جو اظهار ڪندي سندس ڪٽنب سان غم ۾ شريڪ ٿيندي پنھنجي جاري ڪيل تعزيتي بيان ۾ چيو ته  اسين هڪ بهترين  استاد، شاعر ۽ اديب کان محروم ٿي وياسين. سندس لاڏاڻي تي جيترو ڏک ڪجي گھٽ آھي. ڏک جي ھن گھڙيءَ ۾ سوڳوار ڊاڪٽر اسد جمال پلي سان برابر جو شريڪ آھيان،. ٻئي طرف چيئرمين سنڌي ادبي بورڊ جي هدايتن تي سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ سيد سڪندر علي شاهه جي اڳواڻي ۾ بورڊ جي وفد سندس ڳوٺ راجا رستي وڃي سندس جنازي نماز ۽ تدفين ۾ شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.