عادلپور لڳ ڪار جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت

عادلپور (رپورٽ : اسلم مهر ) عادلپور ڀرسان ڳوٺ نور محمد لغاري جو رهواسي بختيار علي ولد مختيار لغاري رستي سان وڃي رهيو هو اڻڃاتل ڪار جو ٽڪر لڳو جنهن سبب نوجوان سخت زخمي ٿي پيو جڏهن ته ڪار سوار زخمي نوجوان کي ڇڏي فرار ٿي ويا هوڏانهن ڳوٺاڻا زخمي نوجوان کي تعلقه اسپتال گھوٽڪي کڻائي آيا جتي نوجوان زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو ضروري ڪاروائي بعد نوجوان جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جڏهن ته نوجوان جو مڙھ گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.