ٽنڊي آدم لڳ ماکي کان پاڻ کي بچائيندڙ همراهه ٻڏي فوت

ٽنڊوآدم ( ن ع آ  ) ٽنڊوآدم لڳ ماکي لاهيندي پيرسن  ماکي جي حملي کان بچڻ لاءِ  شاخ ۾ ٽپو ڏيئي ڇڏيو لاش 5 ڪلاڪن بعد ھٿ  رپورٽ موجب ٽنڊوآم برانچ وٽ ٿهيم ڪالوني جو رهواسي 50 سالا پيرس  محمد صالح ٿهيم  وڻ تان ماکي لاهي رهيو هو ته ماکي مٿس حملو ڪري ڏنو هن جان بچائڻ لاء ٽنڊو آدم شاخ ۾ ٽپو ڏيئي ڇڏيو ۽ ٻڏي ويو اطلاع ملڻ تي بي سيڪشن پوليس پهچي ٽوٻا گهرايا جن 5 ڪلاڪن کانپوءِ لاش هٿ ڪري  ورتو ۽ لاش کي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.