مهانگائي سبب سنڌ جا نوجوان آپگهات پيا ڪن: صعنان قريشي

خيرپور (  ڊ ر ) جسقم جي چئرمين صعنان خان قريشي خيرپور واپڊا اسڪارپ ڪالوني پهتي جسقم جي مرڪزي سنيئر وائيس چئرمين امجد خان مهيسر جي عيادت ڪري گلدستو پيش ڪيو ۽ دعا ڪئي امجد خان مهيسر جلد صحتياب ٿي غريب مسڪين پورهيتن جي حقن لاءِ آواز بلند ڪندو، بعد ۾ جسقم جي چئرمين صعنان خان قريشي اخبار وارن سان ڳالهائيندي چيو ته  سنڌ ۾ ڪڻڪ جو فصل جهجهي مقدار ٿي رهيو آهي پر حڪومت جي نااهلي سبب ڪڻڪ جو اٽو 80 کان 85 روپيه في ڪلو وڪامي رهيو آهي، هن چيو ته سنڌ ۾ مسلسل پ پ جي 14 سالن کان حڪومت آهي پر سنڌ جا مسئلا جئين جو تئين آهن حڪومت اربين جي بجيٽ هوندي سنڌ جا روڊ رستا کنڊرات ۾ تبديل ٿي ويا آهن،مهانگائي ۽ بيروزگاري سبب روزانو نوجوان خدڪشيون ڪري رهيا آهن پر پ پ جا وزير مشير چون ٿا ته سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي،هن چيو ته سنڌ کي عالمي تتيم خانو سمجهي روزانو ڌارين جي لوڌ سنڌ ۾ داخل ٿي رهي آهي ، افغانستان مان دهشگرد سنڌ ۾ داخل ٿي رهيا آهن جن کي حڪومت ڪنٽرول نه ٿي ڪري سگهي،هن چيو ته حڪومت جون پاليسيون سمجهه کان ٻاهر آهن،ضعنان خان قريشي وڌيڪ چيو ته پ پ جرڳائي ۽ قبيلائي دهشتگردي جي سرپرست آهي،سنڌ ۾ سرداري جاگيرداري نظام کي هٿ وٺي مضبوط ڪيو پيو وڃي،ان موقعي تي ناياب سرڪش سنڌي، تصوير سنڌيلو،اطهر سومرو،اياز ڪورائي، مومن سمون،اصغر ڪورائي،عائم اڄڻ، عاشق چنو خرم مهيسر،شاڪر مسرور مهيسر ۽ ٻيا موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.