اوٻاوڙو لڳ زميني تڪرار فائرنگ، علائقي ۾ خوف

اوٻاوڙو  ( ن ع آ ) اوٻاوڙي لڳ پنجاب جي ماڇڪي ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي تعلقه صادق آباد جي موضع فيض جيلاني ۾ گهنڃا برادري ۽ ڪوش برادري جي ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار تان جھيڙو فائرنگ علائقي ۾ خوف حراس پکڙيل ڌريون مورچا بندگهنڃا برادري جي تاجل گهنڃي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسين گهڻو عرصو اڳ ڀونگ جي رئيسن کان زمين ملھه ورتي هئي اسان جي زمين سان گڏ ڪوش برادري چاچڙ برادري جي ماڻهن به زمين رائيسن کان ورتي هئي ٽي ڏينهن اڳ ڪوش برادري جي بااثر ماڻهن رانوتي ٿاڻي جي ايس ايڇ او سان ڏيتي ليتي ذريعي اسان مٿان رانوتي ٿاڻي تي جهيڙي جي ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪرائي اسان جي گهرن مٿان پوليس جا ريٽ ڪرايا. جنهن سبب اسين زمين ۽ گهر ڇڏي ويا  سين ته اڄ ڪوش برادري جي هٿياربندن اسان جي ڳوٺ تي فائرنگ ڪري اسان جي زمين تي قبضو ڪري ورتو آهي ايس ايڇ او رانوتي ڪوش برادري جو ونگار وهئي رهيو آهي، اسين اعلي حڪام ڊي پي او رحيم يار خان ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ايس ايڇ او ٿاڻو ماڇڪو کان اپيل ڪري رهيا آهيون ته اسان مٿان داخل ڪوڙي ڪيس جي جاچ ڪرائي ڪوڙو ڪيس ختم ڪيو وڃي ۽ اسان جي قبولي زمين جو قبضو ختم ڪرائي واپس ڪرائي اسان کي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.