سجاول لڳ پريشانين کان تنگ 2 ڄڻن جي آپگهات ڪوشش

سجاول (ڊ ر) سجاول لڳ گهرو پريشانين ۽ بيروزگاري کان تنگ ٿي خودڪشي جي ڪوشش ڪندڙ 22 سالا ناري ۽ نوجوان جون حياتيون بچايون ويون، خبر موجب سجاول لڳ بدين روڊ تي ڳوٺ ڪيٽ جاکرا ۾ گھرو پريشاني کان تنگ ٿي ڪري 22 سالا  شادي شده ناري مسمات م زال دلشاد علي گھر ۾ پيل زھريلو پليچر پي آپگھات جي ڪوشش ڪئي جنھن کي وارثن فوري طور سول اسپتال سجاول آندو ويو جتي ڊاڪٽرن جي علاج کانپوءِ خودڪسي جي ڪوشش ڪندڙ ناري جي حياتي بچائي وئي آهي ٻئي طرف  ڳوٺ حاجي نبي بخش کوسو جو رهواسي  نوجوان نجيب الله  پٽ محسن کوسو بيروزگاري ۽ غربت کان تنگ اچي گھر اندر ڳچيءَ ۾ رسو وجھي آپگھات جي ڪوشش ڪئي سندس رڙين تي گھر ڀاتين کيس بچائي بيھوشي واري حالت ۾ سول اسپتال سجاول آندو جتي علاج بعد نوجوان کي ھوش اچي ويو آهي ۽ سندس زندگي بچي وئي آهي ڊيوٽي ڊاڪٽر رميش ڪمار ٻڌايو تہ مھانگائي ، بيروزگاري غربت سبب سجاول سميت سنڌ اندر نوجوان مرد توڙي عورتون ذھني مريض بڻجڻ کانپوءِ آپگھات ڪرڻ تي مجبور آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.