ٽنڊي الهيار ۾ ڪوڙو چيڪ ڏيندڙ 2 جوابدارن کي 2 سال قيد جي سزا

ٽنڊوالهيار  (ڊ ر) ٽنڊوالهيار جي عدالت ڪوڙو چيڪ ڏيڻ تان جوابدار کي 2 سال سزا ٻڌائي ڇڏي ٽنڊوالهيار جي سول جج جوابدار محمد دانش شيخ کي ڪوڙو چيڪ ڏيڻ تان سزا ٻڌائي فريادي فدا حسين لغاري مذڪوره جوابدار تي هڪ سال اڳ بي سيڪشن ٿاڻي تي 2 لک جو ڪوڙو چيڪ ڏيڻ تان ڪيس داخل ڪرايو جنهن تي وڪيل اختر لغاري جي دليلن بعد سول جج اينڊ جوڊيشل مئجسٽريٽ 3 ڪاشف ڀٽي جوابدار محمد دانش شيخ کي 2 سال سزا ٻڌائي جوابدار کي ميرپورخاص جيل منتقل ڪري ڇڏيو. ياد رهي ته فريادي فدا حسين لغاري هڪ سال اڳ بي سيڪشن ٿاڻي تي ڪوڙي چيڪ ڏيڻ جو ڪيس داخل ڪرايو هو جنهن ۾ فريادي ڄاڻايو ته آئون چوپائي مال جو واپاري آهيان مٿي ڄاڻايل جوابدار مون سان هڪ مينهن جو سودو 2 لک 40 هزار ۾ ڪري 40 هزار روڪ رقم ۽ 2 لک جو چيڪ ڏنو جيڪو ڪوڙو نڪتو جنهن جو سول جج اينڊ جوڊيشل مئجسٽريٽ 3 ڪاشف ڀٽي جي عدالت ۾ ڏوه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي 2 سال سزا ٻڌائي ڇڏي.

  • ملير ۾ چوري ڪندڙ 2 جوابدار گرفتار، سامان هٿ

ملير(ڊ.ر): ملير جي بن قاسم ٿاڻي جي حد مان شهرين کان ڦر ڪري فرار ٿيندڙ جوابدار گرفتار، پوليس ناڪابندي دوران ٻن موٽر سائيڪل سوارن کي مشڪوڪ سمجهي روڪيو جاچ دوران جوابدارن وٽان چوري ٿيل موٽر سائيڪل هٿيار ۽ ڦر ڪيل رقم هٿ ڪري ورتي، خبر موجب بن قاسم پوليس گشت دوران ٻن موٽر سائيڪل سوارن کي مشڪوڪ سمجهي روڪيو کائن پڇا دوران پوليس چوري ڪيل موٽر سائيڪل، غير قانوني هٿيار ۽ ڦر ڪيل روڪ رقم هٿ ڪري ورتي، ايس ايڇ او بن قاسم موجب موٽر سائيڪل ڪجهه ڏينهن اڳ ڦر ڪئي وئي هئي گرفتار جوابدار افضل لانگا ۽ اياز شير بن قاسم ٿاڻي ۾ پنجن کان وڌيڪ ڏوهن ۽ ڦرن جا ڪيس داخل آهن، گرفتار جوابدارن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.

  • کهڙا لڳ رڪشا جو شاگرد کي ٽڪر، سخت زخمي، اسپتال منتقل

 

کهڙا (ن ع آ)  کھڙا ڀرسان کھڙا رپڙي لنڪ روڊ تي ڳوٺ رسول بخش ناريجو وٽ تيز رفتار لوڊر رڪشا  ٽريڪٽر ٽرالي مان لهي روڊ ڪراس ڪندڙ شاگرد 10 سالا  پهلوان پٽ فھيم ناريجو کي ٽڪر هنيو  تيز رفتار لوڊر رڪشا جي ٽڪر ۾ شاگرد سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ گمس اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جڏھن ته ڳوٺاڻن رڪشا ۽ ڊرائيور کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.