شهدادپور لڳ ڳوٺاڻي کان ڦر، مزاحمت تي تشدد

شھدادپور ( ن ع آ ) شھدادپور ويجھو 2 نامعلوم ھٿياربدن پاران موٽرسائيڪل ڦر مزاحمت تي گاڏي مالڪ سخت زخمي اسپتال منتقل خبر موجب نواب شاھہ روڊ تي ڀنڀرا اسٽاپ ويجھو لنڊو شاخ موري لڳ 2 نامعلوم ھٿياربندن پاران ٻيرانيء جي رھواسي نوجوان نورس ولد زبير خان مريء کان موٽرسائيڪل سي ڊي ماڊل 2021 ڦر ڪرڻ جي ڪوشش مزاحمت تي جوابدارن پسٽلن جا بٽ ۽ ڏنڊا ھڻي نوجوان جي ھڪ ٻانھن ڀڃي وڌي کيس سخت زخمي ڪري موٽرسائيڪل ڪاھي فرار ٿي ويا زخمي نوجوان کي سمس اسپتال آندو ويو جتي کيس علاج لاء داخل ڪيو ويو آھي آخري اطلاع تائين ڪيس داخل نہ ٿيو ھيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.