ڊکڻ ڀرسان پوليس جي ڪارروائي، سوپارين جا 40 ڪٽا هٿ

ڊکڻ ( ن ع آ)  ڊکڻ ڀرسان غلام شاھ پوليس رتوديرو-جيڪب آباد انڊس هاءِ وي تي  چيڪنگ دوران  جنت شاخ وٽ ڪارروائي ڪري هڪ ٽرڪ مان 10 ڪٽا نشي آور سوپارين z21 ۽40 ڪٽا سوپارين ۾ استعمال ٿيندڙ ٻورو سميت 2 جوابدارن سونو خان  ۽ علي شير بروهي کي گرفتار ڪري  غلام شاهه ٿاڻي تي لاڪپ ڪري   ڇڏيو آهي،ان سلسلي ۾  ايس ايڇ او غلام شاهه اميد علي جاگيراڻي ٻڌايو ته   رتوديرو جيڪب آباد انڊس هاءِ وي تي سنيپ چيڪنگ دوران جنت شاخ وٽ ڪارروائي ڪري  هڪ ٽرڪ مان 10 ڪٽا نشي آور سوپاريون z21 ۽ 40 ڪٽا نشي آور سوپارين جي استعمال ۾ ٿيندڙ ٻورو سميت 2 جوابدارن  سونو ۽ علي شير بروھي کي گرفتار ڪري  مٿن سرڪاري مدعيت ۾  غلام شاهه تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.