ميرپور خاص ۾ اغوا ٿيل نينگري جي آزادي لاءِ بک هڙتال جاري

ميرپورخاص (بيورورپورٽ) 4 مهينان اڳ مبينا طور اغوا ٿيل 9 ورھين جي فوزيا خاصخيلي جي بازيابي لاءِ سول سوسائٽي جي اڳواڻن پارانمعصوم  نينگري جي والد سان گڏ ميرپورخاص پريس ڪلب اڳيان لڳايل احتجاجي بک ھڙتالي ڪئمپ چوڏينهن ڏينهن به جاري رهيو، احتجاجي ڪئمپ تي پ پ جو نوجوان ايم پي سيد ذوالفقارعلي شاه پهتو ۽ وارثن کي سندن معصوم نينگري جي بازيابي لاءِ مڪمل سهڪار ڪرڻ ۽ ان حوالي سان اعليٰ سطح جي اختيارين سان ملاقات ڪرڻ سميت اسيمبلي جي فلور تي آواز اٿارڻ جي خاطري ڪرائي ڪئمپ ۾ شريڪ سول سوسائٽي، وڪيل اڳواڻن ۽ خاصخيلي برادري جي ماڻهن نينگري جي بازيابي ۽ پوليس جي نااهلي خلاف نعريبازي ڪئي وئي،ان موقعي تي مبينا اغوا ٿيل نينگري جي والد نظر محمد خاصخيلي ۽ ٻين چيو ته عيد الضحيٰ واري ڏينهن 9 ورهين جي معصوم فوزيا کي ڳوٺ مان اغو ڪيو ويو جنهن جي ڪيس حد جي ٿاڻي تي داخل ڪرايو ويو آهي پر واقعي کي لڳ ڀڳ 4 مهينان گذرڻ جي باوجود پوليس معصوم نينگري کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام رهي آهي، ان موقعي تي واجد لغاري، منظور ميمڻ، ڊاڪٽر دلدار لغاري، مجيد ٻگھيو، قاسم خاصخيلي، ڊاڪٽر جاويد مري، گلزار مڱسي سميت مختلف سياسي سماجي ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن ڪئمپ تي متاثر خاندان سان اظهار يڪجھتي لاءِ پهچي احتجاج ۾ شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.