خيرپور عدالت ۾عورت آفيسر پاران حراسان ڪرڻ خلاف درخواست

خيرپور ( ڊ ر )   خيرپور جي نجي تعليمي اداري نووا پرڀات گرلز ايجوڪيشن پروگرام خيرپور جي اسڪول آفيسر مسمات عظميٰ اختر زال محمد علي مغل خيرپور جي سيشن جج مشتاق احمد لغاري جي عدالت ۾ نووا پرڀات خيرپور جي فيلڊ ڪوآڊينيٽر غلام مرتضيٰ، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر صفدر ڀٽي، جنرل سيڪريٽري ارشد سيال، خزانچي نظير احمد سومرو ۽ فنانس آفيسر مراد علي سومرو خلاف بليڪ ميلنگ ۽ حراسان ڪرڻ جي الزامن هيٺ پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي آهي. عدالت سندس پٽيشن ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي مڙني عملدارن خلاف نوٽيس جاري ڪري کين عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. هوڏانهن الزام هيٺ آيل نووا پرڀات جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر صفدر ڀٽي رابطو ڪرڻ تي ٻڌائيو ته مسمات عظميٰ اختر کي ويهه ڏينهن اڳ اداري مان غلط روئيي سبب هٽايو ويو آهي جنهن ڪري اسان جي اداري کي بليڪ ميل ڪرڻ خاطر حراسان ڪرڻ جي الزامن هيٺ پٽيشن داخل ڪرائي آهي اسان کيس حراسان ناهي ڪيو.

  • ميرپور خاص ۾ هاءِ ڪورٽ جي سرڪٽ بئنچ قيام لاءِ تحريڪ جاري

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سرڪٽ بئنچ جي قيام لاءِ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن ميرپورخاص پاران شروع ڪيل تحريڪ 22هين هفتي به جاري رهي، سرڪٽ بئنچ جي قيام لاءِ هر جمعي تي وڪيل اڳواڻن ۽ سول سوسائٽي پاران ڪورٽ جي احاطي ۾ لڳايو ويو. جنهن ۾ ڊسٽرڪٽ بارايسوسيئيشن ميرپورخاص جي صدر وڪيل مير پرويز اختر ٽالر، وڪيلن شوڪت راهمون، شاهنواز لعاري، خان محمد پنهور، عبدالحسن نونداني، فياض لغاري، وقار ملڪ، هاشم شر، نديم عباسي، فل سنگھار، نوشين پهوڙ، سترام ڀيل، نديم عباسي، يار محمد مڱريو سميت مختلف سياسي سماجي، سول سوسائٽي ۽ صحافين شرڪت ڪئي ان موقعي تي بار جي صدر مير پرويز ٽالپر چيو ته گذريل ڏينهن صدر پاڪستان جي ميرپورخاص واري دوري دوران وڪيلن جي وفد سان ملاقات دوران ميرپورخاص ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سرڪٽ بئنچ جي قيام لاءِ خاطري ڪرائي آهي صدر جي خاطري بعد اسان کي يقين آهي ته ميرپورخاص ڊويزن جي وڪيلن، سياسي سماجي تنظيمن، سول سوسائٽي، ميڊيا پرسنس جون ڪوششون ڪامياب ٿيون آهن ان موقعي تي بار جي صدر پاران ڪئمپ ۾ موجود اڳواڻن کي مٺائي ورهائي ويئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.