وارهه ۾جهيڙو، فائرنگ، پيرسن سميت 2 ڄڻا زخمي

لاڙڪاڻو (ڊ ر ) وارهه تعلقي جي حمل ٿاڻي جي حد ۾ شابراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ ڪري پيرسن غلام عباس ۽ سندس 30 سالن جي نوجوان پٽ علي رضا شابراڻي کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو جنهن کي سندس وارثن زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي کين طبي امداد ڏني وئي.ان موقعي تي زخمي پيرسن جي گهر واري سکيل خاتون پنهنجي وارث محمد الياس شابراڻي ۽ ٻين سان گڏجي دانهيو ته اسان جو پنهنجي ئي برادري جي ماڻهن سان پراڻو تڪرار هلندڙ آهي جنهن معاملي تان اڄ علي حسن، بهادر، امير علي، بخت علي شابراڻي ۽ ٻين هٿياربندن فائرنگ ڪري منهنجي مڙس ۽ نوجوان پٽ کي گوليون هڻي زخمي ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا آهن. هن ٻڌايو ته تڪرار جي حل لاءِ اسان جا مرد سردار خان چانڊيو جي چاچي مشتاق چانڊيو ۽ پنهنجي برادري جي رئيس احمد علي شابراڻي ڏانهن ميڙ منٿ قافلا کڻي ويا هئا جيئن معاملي کي حل ڪري سگهجي پر ان جي باوجود معاملو حل نه ٿيو جنهن ڪري اڄ هي واقعو پيش آيو آهي. هن مطالبو ڪيو ته مڙس ۽ پٽ کي زخمي ڪندڙ بااثرن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.