پيرڳوٺ لڳ ٻن نينگرين تي مبينا تشدد، احتجاج

پيرجوڳوٺ (رپورٽ علي گل جوڻيجو) پيرڳوٺ لڳ ڳوٺ ڄام خان اڄڻ جي رهواسي نينگرين شهناز اڄڻ، حاڪم زادي پيرجوڳوٺ ۾ صحافين آڏو دانهيندي چيو آهي ته هوُ ڳوٺ ٻاهران جهنگ مان ڪاٺيون ميڙي رهيون هيون ته بااثر ذوالفقار اڄڻ، وقار اڄڻ ۽ ٻين يرغمال بڻائي تشدد ڪيو ۽ وارن کان گهلي تذليل جو نشانو بڻايو آهي. هنن چيو ته ڄاڻايل بااثرن مان زندگين کي سخت خطرو آهي. جڏهن ته عبدالرحمان انڙ پوليس به بااثرن سان ٻٽ بڻيل آهي. هنن خلاف ڪنهن به قسم جي ڪارروائي نه پئي ڪري.اهڙي صورتحال ڪري اسين سخت پريشان آهيون. هنن ڊي آء جي سکر، ايس ايس پي خيرپور کان گهر ڪئي ته بااثرن جي ظلمن جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي. ٻئي طرف الزام هيٺ آيل ڌر جي اعجاز اڄڻ جو چوڻ آهي ته نينگرين مٿان تشدد وارو الزام بي بنياد آهي. نينگرين جي پيء عطا محمد اڄڻ سان زمين تان مسئلو هلندڙ آهي جنهن جو فيصلو پڻ ٿيو آهي اسان کي بدنام ڪرڻ لاء اهڙو ڊرامو ٺاهي پريشان ڪيو پيو وڃي جانچ ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.