لاڙڪاڻي ۾ مهانگائي ۽ بيروزگار ي خلاف ن ليگ جي سڏ تي ڌرڻو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ پاڪستان مسلم ليگ ن جي سڏ تي يونين ڪاميٽي 7 شاهو ٻوراهو ڀينس ڪالوني جي رهواسين مهانگي، بيروزگاري ۽ وفاقي حڪومت جي عوام دشمن پاليسين خلاف هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي ڀينس ڪالوني روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو جتي هنن سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي امداد بروهي، نواز مغيري، قمر مغيري، سراج بروهي، اصغر چانڊيو ۽ ٻين چيو ته اسلام آباد ڊي چوڪ تي ڌرڻو هڻي رياست مدينه قائم ڪري هڪ ڪروڙ نوڪريون ۽ 50 لک گهر  ڏيڻ جي دعوي ڪئي پر 3 سالن ۾ ملڪي معيشت جو ٻيڙو ٻوڙي ملڪ کي آءِ ايم ايف وٽ گروي رکي ملڪ ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري جو طوفان آڻي ڇڏيو، هر 15 ڏينهن پئٽرول ۽ گيس جي قيمتن ۾ واڌ ڪرڻ سان عام واهپي جي شين ۾ 100 کان 200 سيڪڙو اضافو ٿي چڪو آهي جنهن ڪري غريب ماڻهو ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهن. هنن چيو ته اسان جي يوسي ۾ سالن کان وٺي نوڪريون نه ملڻ جي ڪري نوجوان بيروزگاري، غربت، بک ۽ بدحالي واري زندگي گذاري رهيا آهن جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته مهانگائي ۽ بيروزگاري جو خاتمو آڻي نوجوانن کي نوڪريون ڏئي علائقي ۾ ترقياتي ڪم ڪرائي رليف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.