چمبڙ لڳ درويش نينگري جو زوري نڪاح، احتجاج

چمبڙ (ت ر) چمبڙ ويجھي ڳوٺ ميرحسن ٺوڙھو لغاري واسي ڄائي ڄم کان چري 11 ورھين جي مومل ڀيل کي سندس وحشي ڏاڏي، عمر شيخ ۽ چاچي حنيف شيخ ڏوڪڙن عيوض 80 ورھين جي ٻڍڙي احمد ٻٻر کي وڪرو ڪري ڇڏيو سندس ماء ڌني، ناني جاڌان، نڳو، پي عيسا ڀيل ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانھيندي الزام ھڻندي چيو تہ اسان جي نياڻي 11 ورھين جي مومل جنھن جو ڄائي ڄم کان دماغي توازن درست ناھي ۽ ھو فقيراڻي آھي جنھنجو اسان ڪيتري ئي ڀيرا علاج ڪرايو پر ھو ٺيڪ نہ ٿيڊاڪٽرن موجب نياڻي جو ڄائي ڄم کان دماغي توازن درست ناھي جنھن جو علاج ممڪن ئي نہ آھي جڏھن تہ ڪجھ ڏينھن اڳ جيمس آباد جي ڳوٺ ديال ڳڙھ مان سندس ڏاڏو عمر شيخ ۽ چاچو حنيف شيخ جيڪي ڪجھ سال اڳ اسلام قبول ڪيو ھو جيڪي اسان وٽ چمبڙ آيا ۽ ھنن چيو تہ نينگري اسانکي ڏيو اسان علاج ٿا ڪرايون. علاج جي بھاني درويشياڻي نينگري کي وٺي ويا جتي وحشي ڏاڏي عمر شيخ ۽ سندس چاچي حنيف شيخ 11 ورھين جي نينگري کي ڏوڪڙن عيوض 80 سالن جي ٻڍڙي مڙس احمد ٻٻر سان پرڻائي ڇڏي آھي ھنن ٻڌايو تہ ڪجھ ڏينھن گذري وڃڻ بعد اسان درويشياڻي نينگري جي ماء ۽ ناني نينگري سان ملڻ لاء سندس ڏاڏي ۽ چاچي وٽ جيمس آباد پھتا جتي اسان  کي خبر پئي تہ درويش نينگري کي دوکي سان 80 ورھين جي ٻڍڙي سان پرڻائي ڇڏيو آھي جنھن بعد اسان بھانو ڪري اندس درويشياڻي نينگري کي پنھنجي گھر چمبڙ وٺي آياسين ۽ ھاڻ ڏاڏو عمر شيخ ۽ چاچو حنيف زبردستي اسان کان نياڻي واپس وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن. هنن انصاف جي گهر ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.