گند، مڇر ۽ بيماريون

ڪراچيءَ ۾ هڪ نئين وائرس جي پکڙڻ جون ثابتون مليون آهن. اها ڳالهه سُڌ سماءُ جي ذريعن وسيلي سامهون ائي آهي. ڪراچيءَ جي مختلف صحت ادارن ۾ ڪجهه هفتن کان اهڙا مريض آيا آهن جن جي لاءِ پهرين ڊاڪٽرن کي اهو شڪ رهيو ته اهي شايد ڊينگيءَ جي وائرس جو شڪار ٿيا آهن پر انهن جي ليبارٽري ٽيسٽ ڪرڻ کانپوءِ پتو پوي ٿو ته اهو ڪو اڃان به ٻيو وائرس آهي، جنهن بابت شهر جي پيٿالوجسٽس جو چوڻ آهي ته ان ڏس ۾ وڌيڪ تحقيق ۽ کوجنا کان اڳ ڪجهه چئي نٿو سگهجي.

ذڪر ڪيل وائرس جي شڪار ٿيل مريضن ۾ ابتدائي علامتون ڊينگيءَ جهڙيون ئي آهن. جيئن پليٽليٽس ۽ رت جي اڇن جزن جو مقدار گهٽجڻ، تيز بخار وغيره پر اها پڪ ٿي وئي آهي ته اهو  ڊينگي جو وائرس نه آهي،

اهو يا اهڙا ٻيا وائرس ڇو پکڙن ٿا اهو به اهم پاسو آهي پر فوري طور تي ماهرن ان کان بچاءُ جي چيو آهي ته مليريا ۽ ڊينگيءَ کان بچڻ وارا ساڳيا اپاءُ اختيار ڪري ان وائرس کان بچي سگهجي ٿو جنهن ۾پنهنجي ايريا يا گهر ۾ صفائي سٿرائي جو جوڳو بندوبست ڪرڻ، گهر ۾ صاف پاڻي جي ٿانَون ٿپن کي صبح ۽ شام جو ڍڪي رکڻ  شامل آهي.

سموري دنيا ۾ نت نيون بيماريون منهن ڪڍن ٿيون، اسان کي به اهڙو تجربو ٿئي ٿو. پر ٻي دنيا يا سڌريل ملڪن جي ڀيٽ ۾ اسان وٽ انهن کي منهن ڏيڻ واري رويي ۾ وڏو فرق آهي. جيئن تازو ڪوووڊ 19 دوران ٿيو هو.

اسان هڪ اهڙي غريب ملڪ جا شهري آهيون جتي عام طور تي جڙيل قانون  ورهين کان ڪٻٽن جي اندر پيل ڪتابن ۾ بند آهن،جن کي ڪڏهن ڪڏهن عدليه ٿورو تحرڪ ڏئي ٿي نه ته ٿيو خير. سو جڏهن ملڪ ۾ عمومي شعور جو فقدان هجي، عام ماڻهون پنهنجي پيٽ ڀرڻ لاءَ پريشان هجي، روزگار جا در بند هجن، اتي ميڊيڪل بابت عام ماڻهو جي ڄاڻ جي هڪڙي ڳالهه ڪجي.؟

گذريل ڪجهه سالن کان دنيا ۾ ماحوليات جو موضوع اهم بڻجي ويو آهي، سموري دنيا ۾ ماحول جا ماهر  وڌيندڙ گرمي جي درجي کي ڪنٽرول ۾ رکڻ جي لاءِڪم ڪري رهيا آهن، ڪراچيءَ شهر توڻي جو صوبي جي گادي جو هنڌ هجي پر هتي قانون جي لتاڙ اهڙي آهي جو هر ماڻهون پنهنجي گهر يا اوڙي پاڙي جو گند ڪچرو گڏ ڪري ان کي اتي ئي باهه ڏئي ساڙي ٿو ڇڏي. پر هن کان ڪوبه پڇڻ وارو نه آهي، چوڻ لاءِ ته اهو درست آهي ته اهڙو عمل قانون جي روءِ سان وڏو ڏوهه آهي پر نه ته عام ماڻهون جو شعور ايترو آهي جو هو پاڙي ۾ ڪچري ساڙيندڙ کي روڪي سگهي ٿو نه ئي وري ڪڏهن قانون تي عمل ڪرائيندڙ انتظاميه ان طرف ڪو ڌيان ڌريو آهي.

ڪراچيءِ شهر جي زندگيءَ وڌيڪ متحرڪ ۽ تيز آهي روزانو هزارين ماڻهون ٻين شهرن توڻي ٻين صوبن کان هن شهر ۾ اچن به ٿا ته وري هتان ٻين علائقن ڏانهن وڃن به ٿا، اهڙي نوعيت جي چُرپُر جو نه رڪارڊ هوندو آهي نه ئي وري ان تي ڪا نظرداري هوندي آهي،هاڻي ڪهڙي خبر ته اهو يا اهڙي نوعيت جو ڪو به وائرس هتي ئي پيدا ٿي پيو آهي يا وري اهو اهڙي بي ڍنگي  لڏپلاڻ جي نتيجي ۾ ڪٿان سفر ڪري هتي پهتو آهي.

اڳ سنڌ ۾ هڪ پبلڪ هيلث انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ به هوندو هو، هاڻي به اهو رسمن ته موجود آهي پر ان ۾ ويٺل عملدار پبلڪ هيلٿ واري شعبي کان ڪو گهڻو واقف نه آهن، اهو کاتو عوام کي بيمارين جي سبب بڻجندڙعنصرن جي نه رڳو نشاندهي ڪندو هو پر ان جي سببن کي ختم ڪرڻ پڻ ان جي ذمي هوندو هو.

دنيا ۾ انسان هن ڌرتيءَ جي وسيلن جي جنهن بي رحمي سان ڀيل ڪئي آهي ان سان ماحول جو توازن تمام گهڻو بگڙي ويو آهي جنهنڪري نت نيون بيماريون جنم وٺي رهيون آهن،۽ انسان ڪترن ئي شعبن ۾ ڪافي اڳيان نڪري ويو آهي ان هوندي به ڪي اهڙا مامرا اوچتو سامهون اچي ٿا وڃن جو ان کي منهن ڏيڻ گهڻو ڏکيو ٿي پوي ٿو، ان جي پاڙ پٽڻ لاءَ انسان کي پنهنجي سموري قوت سان جدوجهد ڪرڻي پوي ٿي.

اڄوڪي ترقي پڻ  هڪ لحاظ سان انسان کي وڌيڪ سهل پسند ۽ سست بڻائي ڇڏيو آهي جنهن جو به سموري زندگيءَ تي اثر پوي ٿو.بدليل ماحول ۾ انسان پنڌ ڪرڻ بند ڪري ڇڏيو آهي، وڏيڪ محنت وارا ڪم ختم ٿي ويا اهن، ورزش وارو لاڙو نه هئن برابر آهي جنهنڪري به هن دور جو انسان ڪيترين ئي نين، پيڇيده، خطرناڪ بيمارين جوشڪار ٿي رهيو آهي.

ڪنهن بيماري يا ڪنهن وائرس جي پکڙڻ جا هڪ کان وڏيڪ سبب ٿي سگهن ٿا جنهن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ ۽ ان جي توڙ لاءِاسان کي جيڪو ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي اسان ان ڏس ۾ ڪو ڏهه سيڪڙو ڪم ڪرڻ جي لاءِ به ذهني طور تي تيار نه آهيون. جنهنڪري ئي اهي مسئلا گهڻا ڏکيا محسوس ٿين ٿا.

ڪراچيءَ جهڙي وڏي شهر ۾ اهڙي قسم جي وائرس جو ظاهر ٿيڻ هڪ خطرناڪ نشاني آهي . جيستائين  ان جي پوري نشاندهي ڪري سگهجي ان جي مڪمل سڃاڻپ ٿي سگهي تيستائين بيمارين بابت ان مشهور چوڻي تي ئي عمل ڪرڻ گهرجي يعني احتياط علاج کان بهتر آهي.

سو اسين سنڌ سرڪار جو ڌيان هن پاسي ڇڪائيندي گذارش ڪرڻ چاهيون ٿا ته سرڪار واسطيدار ادارن کي واضح هدايتون جاري ڪري ته  ڪراچي شهر سميت سموري سنڌ  ۾ صفائي جا پورا نتظام ڪيا وڃن، عوام ۾ صفائي جي لاءَ مهم هلائي وڃي، مڪاني ادارن جي عملدارن کي شهرن  ۽ ڳوٺن  ۾ گندگيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل عملي جي سخت نگراني ڪئي وڃي جيئن ان جا بهتر نتيجا نڪري سگهن ۽ عوام ڪنهن امڪاني بيماري يا وائرس کان محفوظ رهي سگهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.