سرداري نظام جا ڪلور ۽ عوامي ميڊيا گروپ جو سڏ

تحرير؛حسن جوڻيجو

سعودي عرب جي صحافي جمال کي ترڪي جي سفارتخاني ۾ گهرائي ڳترا ڳترا ڪري ان جي جسم جي ٽڪرن کي ڪيميڪل جي ڊرمن ۾ اڇلايو ويو. ان جو ڏوھ صرف اظهار جي آزادي لاءِ ڳالهائڻ ھو ۽ سعودي جي بادشاھ جي ظلمن خلاف لکندو ھو. سعودي عرب جي حڪمرانن کي اهو گهمنڊ ھو ته ھو صحافي جو خون کائي ھضم ڪري ڇڏيندا پر دنيا جو جڏهن ان تي ڌيان ڇڪيو ۽ سوشل ميڊيا پنهنجو سرگرم ڪردار ادا ڪيو ته ھڪ صحافي جي سچي ڪهاڻي سامهون اچي وئي ۽ سعودي عرب جو سڄي دنيا ۾ ڪردار وائکو ٿي ويو.

ساڳئي طرح جوکيا سردارن اهو سمجهو ته ناظم جو ھو ھضم ڪري ويندا ۾ مسڪين غريب وٽ ھي ھلي ويندا ته ھو کين معاف ڪري ڇڏيندا ۽ ھي عرب شهزادن اڳيان سرخرو ٿي ويندا پر  جڏهن ڳالھ ميڊيا تائين پھتي ته سردار سوڙها ٿيڻ لڳا ۽ جڏهن شهيد ناظم جي پوسٽ مارٽم رپورٽ سامهون آئي تڏهن محسوس ٿيو ته رڳو ھي عرب شهزادن جا  صرف راکا ۽ واٺا نه پر انهن کان وڌيڪ وحشي ۽ مجرم آهن بلڪل صحافي جيان هي به شهيد ناظم جي جسم جو ڪو به سنڌُ سلامت نه ڇڏيو ويو هو ۽ ان جي لاش کي پھاڙن ۾ اڇلائي پنهنجا پاند آجا سمجهي رهيا هئا ڇو ته انهن ڀوتارن کي اڳ به آمي ۽ ڦاپيءَ جا لاش ڦٻي ويا هئا. هي بَدُن جا پوئلڳ جيڪي اڳ نياڻين جي پيدا ٿيڻ تي سخت ناراض ٿيندا هئا ۽ انهن معصوم نياڻين کي جيئري دفنائي ڇڏيندا هئا. انهن جي وحشت ۽ ڏاڍ خلاف ھڪ سنڌي نياڻي سراپا احتجاج ٻڻجي سامهون آئي آهي، جيڪا شهيد ٿيل ناظم جوکئي جي گهر واري شريف جوکيو آهي.ان کان اڳ مائي جندو پنهنجي ڪمزور ۽ جھور جسم سان جدوجهد ڪري ڏاڍ کي مات ڏني ھئي ۽ ھن وقت اُم رباب چانڊيو به ظلم ۽ بربريت خلاف جدوجهد جي ميدان ۾ لٿل آهي. سنڌياڻي جڏهن پنهنجي چوديواري کان  نڪري پنهنجي مٿي تي پهريل پوتي کي انقلابي جهنڊو بڻائي ميدان تي اچي ٿي ته اها ڀٽائي چواڻي ته سسئي جي روپ ۾ ھوءَ پھاڙن کي به مات ڏئي ڇڏي ٿي ۽ مارئي جي روپ ۾ وقت جي بادشاھ اڳيان آڻ مڃڻ لاءِ تيار ئي نٿي ٿي ۽ ضياءُ جهڙي آمر ۾ ڊڪٽيٽر جي ڏاڍ ۽ جبر کي مات ڏئي مارئي ملير ۽ بينظير بڻجي وڃي ٿي  ۽ ان جي ڪوڪ ۽ دانهن دنيا کي لوڏي ڇڏي ٿي ڇو ته ان جي اڏي پيءُ کي ڦاهي چاڙهيو ويو، ان جي ڀاءُ کي زهر ڏئي ماريو ويو، ٻئي ڀاءُ کي گولين سان گهايو ويو پر ھوءَ جيڪا سراپا سچ سونهن ۽ جدوجهد ھئي ان ضياء ۽ مشرف کي مات ڏئي ڇڏي. سنڌي عورت جنهن کي سردار ۽ ڀوتار حويلي جي ٻانهي رکيل، سونهن راڻي ۽ سام سمجهي پنهنجي ڪوٽن ۾ رکندا ۽ ڪاري سمجهي ان جو مُلھ لڳائي کپائيندا آهن يا مارائي ڇڏيندا آهن پر جيڪڏهن ليڊر جي روپ ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي سامهون ڳالهائيندا ھئا ته سندن جسم پگهرجي ويندو هو ۽ جسمَ  رڦڻي ۾ پئجي ويندا هئا ھاڻي به ام رباب پنهنجي برادري جي سردارن آڏو سامهون ٿي بيٺي آهي ته ھن جي ھمت، جرئت ۽ جدوجهد سردارن کي سوڙهو ڪري ڇڏيو آهي. اڄ جڏهن شيرين جوکيا آواز بلند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي تڏهن سنڌ جو ذهن، ضمير جاڳي اٿيو ۽ سنڌ سڏ جو پڙاڏو بڻجي اُٿي آهي. ڪنهن ڏاهي چواڻي "اڄ ڏينهن تائين فلاسافرن صرف فلسفي جي تشريح ڪئي آهي، ضرورت سماج کي تبديل ڪرڻ جي آهي ۽ اها تبديلي جي شروعات آهي. سڄي سنڌ کي اپيل ڪئي وئي آهي ته ھو شيرين جوکيو جي مالي مدد ڪن جيئن اهي فاڪاڪشي تي مجبور ٿي سردارن اڳيان فيصلي لاءِ يا جهڪڻ تي مجبور نه ٿي.ڪيترن ئي وڪيلن صرف وڪالت نامه جمع ڪرائي مفت ۾ ڪيس وڙهڻ جو اعلان ڪيو آهي بلڪه جوابدارن خلاف احتجاج ڪري ۽ سيشن جج کي پوليس جي شڪايت ڪري ڀوتارن کي ھٿڪڙيون ھڻڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. اهو سوَ سيڪڙو سچ آهي ته شھيد ڀٽو عوام کي سجاڳي ڏني ۽ نعرو ڏنو ته طاقت جو سرچشمو عوام آهي پر ان جي موٽ ۾ ھن سردارن ۽ ڀوتارن کي طاقتور بڻايو ۽ اڇي ڪاري جو نه صرف مالڪ بڻائي قانون ۽ انصاف کي انهن اڳيان وئشيا بڻائي رکيو ۽ سنڌ ۾ اها چوڻي مشهور ٿي ته "دولت ڦينڪ تماشا ديک”

جڏهن ته اڄ جڏهن پ پ جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ايم پي اي جي حمايت تان ھٿ کڻڻ جي ڳالھه ڪري ٿو ۽ وزير اعليٰ شهيد ناظم جوکيي جي دعا گهري ان کي انصاف جو واعدو ڪري ٿو. تڏهن سنڌ جي عوام کي سوچڻ گهرجي ته سردارن ۽ ڀوتارن جي پنهنجي برادري آهي ۽ اسان غريبن جي پنهنجي برادري آهي. اسين غريب لالچ ۽ خوف مان پنهنجي برادريءَ سان غداري ڪري سگهون ٿا پر ھو پنھنجي برادري سان ڪڏهن به غداري نٿا ڪري سگهن. انهيءَ ڪري ھو جاچ دوران ڪابه ھيٺ مٿي ڳالھه ڪري نٿا سگهن. تنهنڪري اسان غريب، بي پھچ ماڻهو سکڻا نعرا، سکڻا حوال ڪرڻ بجاءِ پنهنجي ڪاوڙ، نفرت ۽ بلند ڪيل عَلَمَ کي طاقت ۽ تنظيم ۾ تبديل ڪرڻ جو وقت آهي ۽  اھڙا ڪھڙي ڪلور ته روز ڀوتارن جي ھٿن جو تماشو آهي.

اڄ جڏهن عوامي آواز  ميڊيا گروپ عوام کي سرداري نظام خلاف اٿڻ جو سڏ ڏئي ٿو، تڏهن عوام کي پنهنجي سموري جدوجهد، ڏکن ۽ پيڙائن کي طاقت ۾ تبديل ڪرڻ گهرجي جيئن آئنده ڪوبه نواب ۽ سردار ڪنهن ناظم کي شهيد ڪرڻ جي جرئت نه ڪري سگهي، ڪنهن به سنڌ جي نياڻي شيرين جوکئي جيان بيواه بڻائڻ جو سوچي به نه سگهي ڇو ته ھو اڄ ڏينهن تائين هڪ فرد نه پر ويڙها ۽ ڳوٺ ويران، تباھ ۽ برباد ڪندا رهيا آهن. تنهن ڪري پنهنجي آواز کي سگهارو ۽ مستقل روپ ڏيو جيئن ھر ظلم کي مات ڏئي سگهجي. 8 نومبر کان 5 ڊسمبر تائين سرداري نظام نامنظور جي نعري ھيٺ عوامي سجاڳي جو سڏ ڏنو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.