معيشت، ادارن جو خانگائڻ ۽ حڪومتي احوال 

تحرير؛رياض ابڙو 

حصو ٻيو ۽ آخري

ڇو ته پي ٽي آءِ سرڪار جي بهترين پالييسين جي ڪري هاڻوڪي حڪومت کي 50 سيڪڙو تائين نقصان گهٽ ٿيو آ، پر پوءِ به بجيٽ ڊيفيسٽ آ، ڪرنٽ اڪائونٽ جا خسارا پورا ناهن ٿيا، آءِ ايم ايف کان قرض کپن، سرڪيلور ڊيٽس ۾ واڌ آ، ماڻهن جي حالت زار هجڻ جي ڪري فيڪٽريون، صنعتون، گئس ۽ بجلي جون رهتون، ٽيڪس جون رهتون، يا ٽيڪس جون چوريون به آهن حڪومت ڪمائي به ٿي، جي ڊي پي به ڀلي آ، ماڻهن جي في ڪس ڪمائي به ڀلي آ،

ڪووڊ جي هوندي به حڪومت زبردست پئي هلي جتي يورپ جا ملڪ ويهي ويا اتي لاڪ ڊائونن جي هوندي به اسان وڏا خوشحال رهياسين ۽ آهيون، ماڻهن ۾ قوت خريد وڏي شاندار رهندي آئي آ، حيرت آ ته  فرضي ۽ خيالي پلاون کان حڪومتي ڌريون مڙن ئي نه ٿيون، پر سرڪار ان ڳالھ جي ضرور متلاشي آ ته ”ٽيڪس بيس“ جا اگھه وڌايا وڃن، معني جيڪا ٽيڪس ورتي ٿي وڃي ان جي قيمت ۾ واڌ ڪئي وڃي، پر ائين ڪرڻ سان ته ”ترن جو تيل ترن مان نڪرندو“ معني ٽيڪس ڏيندڙ فيڪٽري اونر ۽ صنعتن جو مالڪ ته پئسن جي ڪسر وري عوام مان ڪڍندو، پوءِ هي ته صنعتڪارن کي دعوت ٿا ڏين ته مهانگائي ڪيو، اگهھ وڌايو، شين جو معيار ڪيرايو، ٻي ڪا ڦيرڦار ڪيو پر ٽيڪس جا پئيسا وڌائي ڏيو، مهانگائي ڪري ماڻهن جي چيلھ چٻي ڪيو، وري هي ”ٽيڪس نيٽ“ وڌائيندا، معني جيڪي سيڪٽر پهرين ٽيڪس نه پيا ڏين اهي هاڻي وري ٽيڪس نيٽ ۾ ايندا، اهي به ٽيڪس ڀريندا، جي اهي سيڪٽر ”ايف ايم سي جي“ معني “فاسٽ موونگ ڪنزيومر گڊس“ ۾ اچن ٿا ته اهي به مهانگائي ڪندا، اهي به بي ايماني ڪندا، اهي به شين جا اگهھ وڌائيندا،

وري سرڪار ”ريشنلائيزيشن“ ڪري سبسڊين ۾ گهٽتائي ڪندي، جيئن هنن بجلي، گئس، پيٽرول تان سبسڊي هٽائي ته شيون مهانگيون ٿي ويون، تئين هي يوٽلٽي اسٽورن تان سبسڊي هٽائييندا ته شيون ڀلي آسمان سان ڳالهيون ڪن، جيئن پي پي ۽ نون ليگ جي دور ۾ پيٽرول، گئس ۽ بجلي جا اگھن ۾ روز روز اضافو نه ٿيندو هيو پر هاڻي پي ٽي آءِ سرڪار جي سبسڊي هٽائڻ جي ڪري شيون وڃن ٿيون ڏينهون ڏينهن مهانگيون ٿينديون، وري اهڙي طريقي سان بجيٽ ڊيفيسٽ وڌائجي ته جيئن آءِ ايم ايف پئسا ڏئي ۽ ٽيڪس جا دائرا وڌائجن، ڇو ته حڪومت عوام جي کيسي مان پئسو ڪڍي رڳو پنهنجي پورت ڪيون ويٺي آ، عوام وڃي پئي کڏ ۾.

وري پبلڪ سيڪٽر ۾ هلندڙ ڪمپنين، صنعتن ۽ بئينڪن ۾ سڌارا آڻيندا نه ته ٻي صورت ۾ خانگائيندا، ”انرجي ٽرانسميشن“ جي ادارن معني بجلي ۽ گئس جي ادارن ۾ سڌارا آڻيندا نه ته ٻي صورت ۾ کپائي پرائيويٽ پراپرٽي ڪري ڇڏيندا، وري انرجي سيڪٽر جا ادارا ته هنن طئي ڪري ڇڏيو آهي ته اهي چائنا کي ڏيندا، جيئن بجلي جي ادارن ۾ ”ڪي اي“ عربن جي چنبي مان نڪري هاڻي شنگهائي ڪمپني کي ڏيندا (يا ڏيڻ جا سانباها ڪيا اٿن) ائين ٻيون پاور ڊسٽريبيوشن ڪمپنيون به چائينا ڏي وينديون، زرعي سيڪٽر جا سڌارا، ڪنسٽرڪشن سيڪٽر ۾ واڌ معني حڪومت گهٽ اگھن تي عوام کي سستا گهر مهيا ڪندي، وري آءِ ايم ايف ته هنن کي ڊڄ ڏئي ڇڏيو آ ته جي هنن اهي سڌارا مهل سان نه آندا ته مهانگائي جي ڪري عوام جو حال برو ۽ بد ٿيندو ويندو، ۽ اها ڳالهھ ته ناڻي جو هاڻوڪو وزير به مڃي چڪو آ ته ايندڙ چئين سالن ۾ جي مهانگائي تي ڪنٽرول نه ٿي سگهيو ته ملڪ جو الله واهي آ، وري مرڪز کي اهو وڏو ڏک آ ته ارڙهين ترميم جي ڪري وفاق وٽ گهربل پئيسو ناهي رهيو، جنهن جي ڪري اهي بجيٽ ڊيفيسٽ، ڪرنٽ اڪائونٽن جي خسارن، ۽ سرڪيلور ڊيٽس جهڙن مسئلن ۾ ڦاسي پيا آهن، ڇو ته ستين اين ايف سي ايوارڊ جي تقسيم کان پهرين اهي ارڙهين ترميم ۾ ڦيرڦار ڪرڻ ٿا چاهن ته جيئن اين ايف سي ايوارڊ ۾ گهربل ڪٽوتي ڪري سگهن، مثال هنن جي نيت ۾ آ ته هن دفعي 57.7 جي شرح سان صوبن ۾ اين ايف سي ايوارڊ ورهائجي، پر اهو به چون ٿا ته اهڙي ورڇ جي ڪري وفاق وٽ ترقياتي ڪمن ۽ هاڻوڪي سال جي لاءِ بجيٽ لاءِ پئيسا بچندا ئي نه، ان ڪري ان ۾ اڃان ڪٽوتيون ڪجن يا مورڳو ڏجي ئي نه، وري پيٽرول جي مٿان اڃان به ٽيڪسز هڻڻ ٿا چاهن، گئس ۽ بجلي مهانگي ڪرڻ ٿا چاهن، جنهن سان حڪومت جا کيسا ڀرجن، پوءِ اهڙين پاليسين جي ڪري عوام ته ويندو مهانگائي ۾ دٻدٻو، پوءِ وري معيشت بحال ڪيئن سمجهون جو حڪومتي وزير ويٺا ٿا ٺُمريون هڻن.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.