فهميده سيال جو قتل ۽ قاتلن کي عدالتن مان ملندڙ رليف!؟

تحرير؛اسماعيل بھلڪاڻي

هڪ خبر موجب شھيد فھميده سيال جي قتل ۾ ملوث ٻن جوابدارن ڪورٽ مان گرفتاري کان اڳ واري ضمانت ڪرائي ورتي آھي ان کان اڳ نوشھروز فيروز جي عدالت ٽن خونن ۾ملوث جوابدار جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظوري ڪئي چار مھينا اڳ ڪشمور ويجھو  ڳوٺ اقبال کوسو ۾ منھنجي ڀاڻج حافظ عبدالرحمان بھلڪاڻي کي بنا ڏوھ جي قتل ڪندڙ ڪشمور مان چونڊيل ايم پي اي عبدالرئوف کوسي جي ڀاڻج بااثر وڏيري  قاتل مسعود کوسو پٽ حليم کوسو جي ڪشمور جي عدالت فقط ٻن مھينن ۾ ضمانت منظور ڪئي آھي اھڙي طرح روزانو پوري ملڪ ۾ قاتلن جي گرفتارين کان اڳ يا گرفتاري کان پوءِ ٿوري وقت ۾ سندن ضمانتون منظور ٿيڻ جون خبرون ٻڌڻ پڙھڻ لاءِ ملن ٿيون. حيرت جھڙي ڳالھه ته اھا آھي ھڪ قاتل انتھائي بيدردي سان ھڪ بيگناه ماڻھوءَ کي ٻن کان پنج منٽن ۾ قتل ڪري ٿو عدالت قاتل جي ضمانت فوري طور گرفتار ڪرڻ بعد وري ان قتل کي ثابت ڪرڻ لاءِ انڪوارين ثابتين ڏيڻ جي بھاني سالن جا سال ڪيس ھلائيندي آھي ايستائين مقتول جا وارث وڪيلن ڪورٽ ۾ ويٺل عملي پوليس ڪراين ڀاڙن جا خرچ برداشت نه ڪرڻ سبب ڪيس تان ئي دستبردار ٿي ويندو آھي ڪو فريادي ڪيس آخر تائين وڙھي ٿو ته آخر ۾ قاتل سزا کان بچي وڃي ٿو يا عدالت سڳوري قاتل مٿان ڪجھ ڏوڪڙ ڏنڊ وجھي ڪجھه سال قيد ڪاٽڻ جي سزا ٻڌائي گويا قاتل کي مٿين عدالتن سان رجوع ڪري راھ ھموار ڪرڻ جو گس ڏيئي ڇڏيندي آھي.

اھڙي ريت قاتل بااثر ھجڻ سبب اپيل ٽپيل ڪري سزا کان بچي وڃي ٿو نتيجي طور قومي جھيڙا جنم وٺن ٿا ۽ ماڻھن جو عدالتن مان اعتماد کڄي ٿو وڃي ھن وقت به عدالتي فيصلن جي حوالي سان جيڪڏهن  اوھان ماڻھن کان راءِ پڇندو ته 80 سيڪڙو ماڻھن جو اھو ئي جواب ھوندو ته عدالتن ۾ انصاف نه آھي. عدالتون ۽ قانون فقط غريبن لاءِ آھن اميرن لاءِ نه حقيقت به اھا ئي آھي ام رباب چانڊيو جو ڪيس اوھان جي سامھون آھي چئن سالن ۾ ڪيس ۾ نامزد چانڊيا سردار سزا کان آجا آھن 20 سالن کان ٿر جي ھاري پورھيت منو ڀيل جا گھر ڀاتي بازياب نه ٿي سگھيا 12 سالن کان ٺل جي معصوم نياڻي فضيلا سرڪي بازياب نه ٿي سگھي آھي، ڪچي جا ڌاڙيل پڻ بار بار چون ٿا ته پوليس ۽ وڏيرن جي ملي ڀڳت سان مٿن ڪوڙيون ايف آءِ آرون داخل ٿيڻ ساڻن انصاف نه ٿيڻ سبب ھو ڌاڙيل بڻجن ٿا.

بي انصافي جا ڪيترا مثال ۽ واقعا موجود آھن جيڪي لکڻ کان تمام گھڻا آھن، چوڻ جو مقصد ته اسان جي ملڪي عدالتن ۾ انصاف جو معيار تمام گھڻو ڪمزور آھي تنھن ڪري ملڪ ۾ قومي جھيڙا سرداري فيصلا ڏوھي وارداتون ٿين ٿيون.

ملڪي عدالتن جي جج صاحبان کي اپيل آھي ته خدارا انصاف جي نظام کي معياري بڻايو متاثر ۽ مظلوم ماڻھن سان انصاف ڪيو،  قاتلن، ڏوھارين جون گرفتاري کان اڳ يا گرفتاري کان پوءِ فوري طور واريون ضمانتون منظور نه ڪريو، قتل جي ڪيسن جي جاچ پوليس بجاءِ عدالتي ڪميشن کان ڪرايو،  قتل سميت سمورا ڪيس فوري طور اڪلايو، ڏوھارين کي سخت سزائون ڏيو جيئن مظلوم ۽ متاثر ڌر سان انصاف ٿئي ماڻھن جو عدالتن مٿان وڃائجي ويل اعتماد بحال ٿئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.