تاريخ ڳالهائي ٿي… شهيد حسن ناصر جي شهادت جو ڏينهن

تحرير؛حميده گهانگهرو

تاريخ ڳالهائي ٿي، تاريخ سمجهائي ٿي، تاريخ سيکاري ٿي، ظلم، ڏاڍ، جبر ۽ استحصال جي خلاف ڳالهائيندڙ تاريخ، هميشه امر بڻجي ويل تاريخ، ڪئلينڊر جي تاريخ 13 نومبر 1960، امر ڪردار طور لکيل تاريخ جو حصو بڻجي چڪي آهي جيڪا ڪيئي نسلن جي جدوجهد، سوچ ۽ فڪر جي رهنمائي ڪندڙ آهي.

حسن ناصر جي شهادت، تاريخ جي ورق تي نه مٽجندڙ چٽ ڇڏيندڙ، ورقن ۾ ويڙهيل گواهي طور سڃاڻپ رکندڙ آهي. 13 نومبر 1960 ڪنهن به سچ ۽ حق جي جدوجهد ۾ يقين رکندڙ ديواني لاءِ اتساهه ۽ ويساهه ڏيندڙ، شهيد جو اکين ۽ سوچ ۾ گواهي طور اڀري اچڻ جي تاريخ آهي.اڄ حسن ناصر کي ياد ڪرڻ جو ڏينهن آهي ڇو ڪونه ياد ڪجي. ڇا اسين زنده ماڻهو سياسي، سماجي ظلم، استحصال ۽ ناانصافي جي خلاف وڙهندڙ قافلي جا سپاهي ناهيون؟

حيدرآباد دکن ۾ سونهري خوابن جهڙي زندگي گذارڻ وارو نوجوان شهزادو سفر ڪندي سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ سندس نظر ڪراچي جي پٺتي پيل مزدورن ۽ پورهيتن جي وسندين ۾ بکايل، ڏکايل ۽ سهولتن کان محروم انسانن تي پوي ٿي، توڻي جوکڻي سڄي ڏينهن جي جاکوڙ کانپوءِ به شام جو گهر ايندي رڳو ڪجهه دال ماني کائڻ جو ثمر هٿن ۾ ڏسي وري مٿان پوڙهي ماءُ پيءُ جي بيماريءَ جي تڪليف ۽ نوجوان ڀينرن جي عمر وڌي وڃڻ ڪري مٿي ۾ وارن ۾ چاندي جي چمڪ ڏسي کيس پنهنجا ذاتي ارادا،  لنڊن ۾ اعليٰ تعليم ماڻڻ جا خواب تبديل ڪرڻا ٿا پون. انقلاب لاءِ ماڻهن جي خوشحالي ۽ هر ماڻهوءَ جي چهري تي مسڪراهٽن جا ميڙا ڏسڻ لاءِ سندس سوچ بدلجي وڃي ٿي ۽ هيءُ حيدرآباد دکن جو امير ترين نواب خاندان جو اڪيلو فرزند سرحد جي خاردار ديوارن ۽ تارن کي پنهنجي تصور ۾ آجو ڪري دنيا جي پورهيتن سان نئون رشتو جوڙي ٿو.

هن لاءِ پنهنجي رت جي رشتي امڙ ۽ ابي کان وڌيڪ ڪارل مارڪس جي جملي ته ” دنيا جا پورهيتو هڪ ٿي وڃو“ جو ڪردار بڻجي اهڙي برادري جو حصو ٿو بڻجي جيڪا رنگ نسل، مذهب، ٻولي، فرقا پرستي ۽ سرحدن جي ورهاست کان تمام مٿانهين هوندي آهي جنهن کي ڪميونسٽ طور سڃاتو وڃي ٿو. پورهيتن جي جڳهين  نما گهرن ۾ رهڻ، ڪراچي شو مارڪيٽ جي فٽ پاٿن تي بک ۽ اڃ جي پرواهه نه ڪندي پنهنجي سکي ستابي زندگي ڇڏي پورهيتن کي منسوب ڪري ڇڏي ٿو ۽ اهڙي زندگي کي آئيڊيل سمجهي ٿو.

ڏسجي ته پنهنجي جسم جي پوري سگهه سان ساهه جي آخري گهڙي تائين ٻليدان تي رهيو. سرمائيداري جي عروج واري استحصالي نظام خلاف ۽ آزاد ٿيل ملڪ جي ٻالڪپڻي واري عمر يعني آزاديءَ کانپوءِ 13 سالن اندر مارشل لا جو طوق پاتل ڏسي ان ظلم خلاف آواز اٿاريندڙ حسن ناصر ڪيترن لاءِ اتساهه بڻجي فرض نڀائيندي شاهي قلعي جي اذيت جوڳي تشدد کي مات ڏيندو رهيو. کيس سرنگ نما ڏاڪڻ ۾ وٺي وڃي ساهه ٻوساٽڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر هن نوجوان پنهنجو ”ساهه“ ٻين لاءِ ” ويساهه“ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. سندس هٿن  ۽ پيرن جي ننهن کي لاٿو ويو. جسم تي سوين سورن جا زخم ظاهر آهي ته ڪنهن حد تائين برداشت ٿيندا. پر سندس سوچ کي شاهي قلعي جي اذيت گاهه به قتل نه ڪري سگهي. زندگي ته جيئڻ لاءِ هوندي آهي هن خوبصورت دنيا کي ڇڏڻ جو ڪنهن کي شوق هوندو ؟.

ها رڳو هڪ سچو انقلابي ئي پنهنجي ذاتي خواهشن ۽ خوبصورت زندگيءَ کان الڳ ٿي سڄي دنيا جي پورهيتن جي خوشين ۾ شامل ٿيڻ جو خواب ڏسي سگهي ٿو. هن لاءِ گڏجي خوشيون ملهائي سڀ ويڇا وساري ڳلي ملڻ وارو تصور پنهنجي جاءِ تي پر طبقاتي نظام جي اونچ نيچ ۾ ڪڏهن گهرن جو چلهو ٻري ته ڪڏهن اُجهامي. احساس محرومي، مجبوري ۽ پريشاني واري گهاريل گهڙين کي ختم ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي آهي. تعليم، صحت، بنيادي ضرورتن ۽ بنيادي حقن واري حاصل ڪيل زندگي جنهن ۾ مفادن جي بنياد تي ڪير به ڪنهن کان نفرت نه ڪري تنهن نظام خاطر پنهنجي ساهه جي آخري گهڙيءَ تائين جدوجهد ڪرڻي پوندي آهي. شهيد ناصر ايئن ئي ڪيو ۽ پنهنجي زندگيءَ کي ضرور انقلاب جي نعري سان الوداع ڪيو هوندو.

سندس امڙ کي اطلاع ٿئي ٿو ته اچي پٽ جو لاش وصول ڪر، ڀلا امڙ جا قدم ڪيئن رڪندا. هوءَ نواب خاندان جي رئيسياڻي اڪيلو جهاز ڪري لاهور جي زمين تي هڪ اڏامندڙ پکيءَ وانگر جهٽڪو کائي قدم کوڙي ٿي. ان وقت ان امڙ جي دل جي حالت ڪهڙي هوندي ته جنهن پهريون ڀيرو هڪ آزاد خودمختيار اسلامي مملڪت ۾ پير رکيا هجن. هن مينار پاڪستان ڏسڻ جي خواهش بجاءِ شاهي قلعي ڏانهن ٿڙندڙ قدمن ۽ دل جهوريندڙ لهجي ۾ پڇيو ته منهنجي ٻچڙي جو آخري ديدار ڪرايو پوءِ کيس هڪ چچريل لاش ڏيکاريو ٿو وڃي. امڙ چوي ٿي جنهن کي مون 9  مهينا ڪُک ۾ سانڍي هن دنيا جي خوبصورتي ۽ روشني ڏيکاري، مان هن جي پيدا ٿيڻ تي سڀ سور سهي جڏهن سندس چهري کي ڏٺو ته دنيا جي ڪا به اهڙي تحقيق ۽ ڪيمرا ايجاد ناهي ٿي جيڪا ان پل جي تصوير ٺاهي سگهي۽ اها تصوير صرف ۽ صرف  منهنجي اکين ۽ دل ۾ سانڍيل آهي ۽ منهنجون اکيون ۽ دل دوکو نٿي کائي سگهي. سندس گهنگهرايل ڪارن وارن ۾ ڦڻي ڏيندڙ منهنجي هٿن جون آڱريون اُهو ڇهاءُ هاڻي به محسوس ڪن ٿيون. جڏهن هن جي ماءُ سندس پهرين ڏند ڀڳا هئا جنهن لاءِ چوڻي آهي کير وارا ڏند ڀڄڻ ۽ پوءِ 7 سالن ۾ سڄي حياتي لاءِ پيدا ٿيندڙ ڏندن کي مان روز ڏسي آجيان ڪندي هئس ۽ جن کي صبح سان پنهنجي آڱر سان صاف ڪري گرڙي ڪرائيندي هئس هي ڏند اهي ته ناهن، هي ڏند منهنجي پٽ جا ناهن، هي لاش منهنجي پٽ جو ناهي.هڪ ماءُ پنهنجي پٽ جي لاش جو پنهنجن احساسن ۽ جذبن سان پوسٽ مارٽم ڪري لاش وٺڻ کان انڪاري ٿئي ٿي اهو چئي ته مون پٽ کي جنم ڏنو هو  پر هن هوش سنڀاليندي سڄي دنيا جي مظلوم پورهيتن جي حقن لاءِ جاکوڙ شروع ڪئي.

دراصل هو ڌرتيءَ جو پٽ آهي ۽ مان ڌرتيءَ جي ورهاست نه ڪنديس ڌرتي ماءُ آهي جتي به آهي ماءُ جي جهول ۾ آهي ۽ خاموش چپن سان لڙڪ لاڙيندي. خالي جهاز ۾ واپس حيدرآباد دکن رواني ٿئي ٿي. حيدرآباد دکن ۾ هزارن جي انگ ۾ گڏ ٿيل پنهنجي ڌرتيءَ ڄائي دوستن، ساٿين ۽ مائٽن کي عظيم امڙ اهو نياپو ٿي ڏئي ته هو ڌرتي ڄائو هو، هو دنيا جي پورهيتن جي برادري جو سرواڻ هو. هن ڀڳت سنگهه جي ڦاهي گهاٽ کان ٿورو پرڀرو شاهي قلعي ۾ آخري ساهه جي گهڙي ۾ ساهه نڀائڻ جو وچن ڪيو ۽ اُتي ئي پنهنجي بي ساخته جسم کي انهن جي حوالي ڪيو.

حسن ناصر کي  جسماني طور وڇڙي61سال ٿيا آهن پر هو تاريخ ۾ ڪيترن ڪتابن ۽ مضمونن ۾ جدوجهد ڪندڙن جي گونجار ۾ زنده ۽ امر آهي. اڄ به حسن ناصر شهيد کي سرخ سلام پيش ڪيو ٿو وڃي جيئن انقلابي تاريخ جي شهيدن کي، پهرين مئي جي شهيدن، چي گويرا کي ياد ڪيو ٿو وڃي. حسن ناصر شهيد جي جدوجهد ختم نه ٿي ڀلا سندس جدوجهد جي سرواڻي ڪندڙ، انهيءَ  تسلسل جو 20 سالن کانپوءِ شهيد نذير عباسي ڪنهن کان وسريو آهي.

 جيڪڏهن ڏسجي ته شهيد جي خاموش جسمن کان به ظالم ايڏو خوفزده هوندو آهي جو رات جي اونداهي ۾ دفنائي پوءِ ٻڌايو ويندو آهي ته انقلابي تاريخ جا بي باڪ جرئتمند شهيد ٿي ويا آهن، انهيءَ ڪري انهن جو آخري ديدار به غير روايتي جبر تحت ناهي ڪرايو ويندو پر پر اهي شهيد هميشه زنده رهي، اونداهي سماج ۾ روشنيءَ جي لاٽ ٿي اڀرندا آهن.

جيستائين ظلم، جبر، بربريت ۽  ڏاڍ سان استحصال ٿيندڙ معاشري مٿان ڪڪر ڇانيل رهندا تيسين انهن ئي انقلابي هيرن جي گونجار جي ڇانو ۾ تحريڪون جنم وٺنديون ۽ ٽئين نسل جا انقلابي سوچ رکندڙ انقلابي تاريخ جي روايت کي ٽٽڻ نه ڏيندا.

سرمائيدارن، جاگيردارن، وڏيرن پيرن، ميرن، سردارن جي خلاف اٿندڙ آواز جا پڙاڏا ڪڏهن به ختم نه ٿيندا. بلڪه جتي ظلم جي انتها آهي اتي انصاف لاءِ پڪار به آهي. ۽ جنهن تحريڪ جون سرواڻ عورتون هجن. جڏهن مائرن ڌيئرن ڀينرن پنهنجن پيارن جي رت مان رنگي پوتيون لاهي پرچم ٺاهيا ته ان وقت مدي خارج سماج جي ريتن ۽ رسمن ۾ جڪڙيل آخر  جاڳي پوندا آهن ڀلا ڪيستائين ظلم ۽ ڏاڍ جو شڪار ٿيندا رهندا.

هڪ مائي بختاور، ملڪ جاگيردارن سان وڙهندي هاريءَ جي بٽيءَ کان اڳ شهيد ٿيڻ قبول ڪيو پر استحصال نه، اڄ ڪيتريون مائرون ڀينرون پنهنجن وڃايل وڇڙي ويلن کي ڳولهڻ لاءِ گهرن جون ديوارون ٽوڙي کليل ميدان تي ظلم خلاف للڪارين ٿيون.

شيرين جوکيو، سرداري نظام جي خلاف پنهنجي ور جي، خون کي ناانصافي ۾ لوڙهيندي نٿي ڏسي سگهي ۽ هوءَ هزار ڌمڪين، پريشانين، بک مفلسي جو شڪار ٿيندي به ظلم خلاف للڪار بڻيل آهي. اهو دنيا جي تاريخ جو دستور آهي ته انقلاب، رد انقلاب به ٿيا آهن پر ڪنهن وٽ اهو ثبوت آهي ته ظلم جبر بربريت جي خلاف آواز نه اٿاريو ويو هجي بلڪه ٻرندڙ آوي جيئن ڪچي مٽيءَ کي پچائي مٽيءَ مان پڪو گهڙو ٺاهي ٿي ايئن ظلم جي آوي اڄ جي دور ۾ نوجوانن ۽ باشعورن ۾ للڪار پچائي ٿي.

اعجاز منگيءَ جو گيت لکيل ته نذير عباسيءَ جي شهادت تي آهي پر تاريخ ۾ انصاف جو آواز بلند ڪندڙ لاءِ ٺهڪي اچي ٿو.

ترسو لانڍيءَ اوٽ الاڙي

گهر ۾ آيو گهوٽ الاڙي

آزاديءَ جي ونڙيءَ کي

سينگاريو سينگاريو سرتيون

ڳاڙهن جهنڊن سان ڄڃ آئي

نعرن جي گونجي شهنائي

پوتيون لاهي پرچم ٺاهيو

لهرايو لهرايو سرتيون

ترسو لانڍيءَ اوٽ الاڙي

گهر ۾ آيو گهوٽ الاڙي

چنڊ جيان چهرو مهتابي

رت ۾ وهنتل گل گلابي

سوريءَ سيج چڙهي آيو آ

پنهنجا نيڻ وڇايو سرتيون

ترسو لانڍيءَ اوٽ الاڙي

گهر ۾ آيو گهوٽ الاڙي

اگهو اکين مان نير اوڀينر

اڱڻ تي آيو نذير او ڀينر

دودي دولهه خان جو اجرڪ

نذير کي پهرايو سرتيون

ترسو لانڍيءَ اوٽ الاڙي

گهر ۾ آيو گهوٽ الاڙي

آزاديءَ جي ونڙيءَ کي

سينگاريو سينگاريو

سرتيون……….!!

ظلم خلاف آواز اٿاريندڙ اڄ جي هر باشعور عورت جي عظمت کي سلام.

ماضيءَ جي شهيدن جڏهن ظلم خلاف جدوجهد جو جهنڊو کنيو ته ان ۾ مدي خارج نظام جي تحت عورت کي گهٽ نه پر اڳڀرو ڪيو هو. هوچي منهه پنهنجي شاهڪار لکڻين ۾چيو آهي ته عورت ۽ مرد هڪ گاڏي جا به ڦيٿا آهن جدوجهد ۾ عورت ڪلهوڪلهي ۾ ملائي نه هلندي ته اها تحريڪ ڦڪي ڦڪي هوندي. اها هڪ بهترين نظرياتي سوچ ڪميونسٽن کي ورثي ۾ ملي ٿي ۽ اهو ورثو، حسن ناصر شهيد ۽ نذير عباسي شهيد جو آواز اڄ به سرخ جهنڊي جو سرواڻ آهي. حسن ناصر کي سرخ سلام.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.