فريد آباد لڳ مبينا مقابلو، هڪ ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار

فريدآباد  ( ن ع آ ) ماڏو لڳ ڳوٺ الھبچايو جيسر جو رھواسي قتل، اغوا ، ڦرن ۽ ڌاڙن جي ڪيسن ۾ روپوش گھربل جوابدار خالق جيسر ۽ سندس جي ساٿين جو خفيه اطلاع ملڻ تي ڊي ايس پي ميھڙ محمد يونس رودناڻي ايس اڇ او فريدآباد عبدالقيوم کوسو ،  ايس ايڇ او ميھڙ زاھد حسين کوسو، ڪي اين شاھ سي آء انچارج بشير لاکير سميت مختلف ٿاڻن جي پوليس اٽالا ساڻ ڪري فريدآباد  ويجهو  ڳوٺ گرڪڻ ۾ ڇاپو ھنيو جنھن دوران ڏوھارين ۽ پوليس جي وچ ۾ سخت فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي ـ جنھن جي نتجي ۾ ڳولي لڳڻ سبب بدنام  ڏوھاري عبدالخالق جيسر زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو ٻيا ڏوھاري ڍنڍ ۾ ڀڃي ويا آھن ڊي ايس پي ميھڙ يونيس رودناڻي ٻڌايو ته عبدالخالق جسير ھڪ خطرناڪ ڏوھاري سنگين ڪيسن ۾ ملوث ھو جنھن پوليس کي ڏسندي فائرنگ شروع ڪئي جيڪو زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو آھي جڏهن ته فريدآباد  ٿاڻي جي ايس ايڇ او عبدالقيوم کوسو موجب خالق جيسر تي قتل ـ اغوا ـ ڦرن ڌاڙن جا مختلف ٿاڻن تي چار ڪيس داخل آهن ۽ قتل ڪيسن ۾ ڪورٽ جو اشتهاري ھيو ـ اڃا پوليس مقابلي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو ـ ھن چيو ته ڏوھاري ڪيترا به بااثر  ھجن قانون کان مٿان ڪير به ناھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.