ڇاڇري لڳ اسڪول عمارت کان محروم، 100 شاگرد پريشان

مٺي (بيورو رپورٽ) تعلقي ڇاڇرو جي ڳوٺ رڙلي ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول جو مرمتي ڪم چار سال گذرڻ باوجود مڪمل نه ٿي سگھيو،ڳوٺاڻن موجب 2016ع جي اي ڊي پي بجيٽ مان 12 يونٽ جي بجيٽ رکي وئي ھئي جڏھن ته ايجوڪيشن ورڪس سروسز ٿرپارڪر جي نااھلي سبب 5 يونٽ رليز ٿيا،جنھن سبب اسڪول ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو،انھيءَ سلسلي ۾ ڳوٺاڻن راءِ سنگھ،گلو،شنڪر ٺڪر ۽ ٻين ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو تہ اي ڊي پي ۾ رکيل 11 يونٽن جو ڪم مڪمل ڪيو ويو،جڏھن تہ اسان جي اسڪول جي بجيٽ رليز نہ ٿيڻ سبب مرمت جو ڪم رولڙي جو شڪار ٿي ويو ۽ ھن سال اھا اسڪيم اي ڊي پي کان خارج قرار ڏني ويندي،اسان جا ٻچڙا ڳوٺ ۾ اسڪول نه ھئڻ سبب ڀر واري ڳوٺ پنج ڪلوميٽر سفر ڪري تعليم پرائڻ لاءِ ويندا آھن،روز مره جي بنياد تي پيادل سفر وڃڻ جي ڪري مشڪلاتن جو شڪار آھن،هنن اعليٰ اختيارن کان نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪندي مطالبو ڪيو ته اسڪول جو ڪم مڪمل ڪرائي ڏنو وڃي جيئن معصوم ڳلڙا آساني سان تعليم حاصل ڪري سگهن.

  • لمس يونيورسٽي ۾ يوٿ ڪانفرنس، شاگردن پاران ٽيبلوز پيش

ڄامشورو( ڊ ر ) لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ڊائريڪٽوريٽ آف اسٽوڊنٽ افيئرس پاران ٽن ڏينهن واري يوٿ ڪانفرنس ڪوٺائي وئي آهي جنهن جي افتتاحي تقريب ۾ لمس يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اڪرام الدين اڄڻ, رجسٽرار ڊاڪٽر حاجي محمد شيخ, ڊائريڪٽر اڪيڊمڪس ڊاڪٽر ثمرين ميمڻ, ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽس افيئرس ڊاڪٽر سڄڻ هاليپوٽو ۽ ٻين مهمان خاص طور شرڪت ڪئي، لمس يونيورسٽي جي لطيف هال ۾ ڪوٺايل يوٿ ڪانفرنس ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران مختلف قسم جا ٽيبلوز پيش ڪيا ويا, جڏهن ته ڊائريڪٽوريٽ آف اسٽوڊنٽس پاران مهمان خاص کي اجرڪن جا تحفا ۽ شيلڊون پڻ پيش ڪيون ويون.

  • شاهه لطيف يونيورسٽي ۾والي بال ميچ جي پڄاڻي

خيرپور( ڊ ر )شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي اسپورٽس سيڪشن جي انتظام هيٺ ھاير ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد جي تعاون سان آل پاڪستان انٽرورسٽي والي بال بوائز چيمپيئن شپ 2021-22 پنهنجي پڄاڻي تي پهتي. يونيورسٽي جي سيد قائم علي شاھ انڊور اسپورٽس ڪامپليڪس ۾ منعقد ٿيل چيمپيئن شپ جي پڄاڻي واري تقريب جو خاص وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو هيو. چيمپيئن شپ جي فائنل مقابلي ۾ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور سکر آئي بي اي يونيورسٽي کي 0-3 تان مات ڏئي چيمپيئن شپ کٽي ورتي. ان موقعي تي چيمپيئن شپ ۾ شريڪ رانديگرن سان ڳالهائيندي پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو چيو ته چيمپيئن شپ جي دوران سمورن رانديگرن پيشوراڻي راند جو مظاهرو ڪيو آهي. هن چيو ته صحت مند دماغ ۽ مثبت ذهن سازي لاءِ راندين جون سرگرميون تمام ضروري آهن. وائيس چانسلر چيمپيئن شپ ۾ شريڪ سمورن يونيورسٽين جي وائيس چانسلرز جو شڪريو ادا ڪيون جنهن پنهنجي شاگردن کي چيمپيئن شپ ۾ حصو وٺڻ جو موقعو فراهم ڪيو. هن چيمپيئن شپ منعقد ڪرڻ ۾ تعاون ڪرڻ تي هائير ايجوڪيش ڪميشن اسلام آباد جو پڻ شڪريو ادا ڪيو. پڄاڻي واري تقريب ۾ پروفيسر ڊاڪٽر تاج محمد لاشاري ڊين فيڪلٽي آف سوشل سائنسز، پروفيسر ڊاڪٽر امير علي چانڊيو، پروفيسر ڊاڪٽر امير حسين شر، مريد حسين ابوپوٽو رجسٽرار، عشرت علي ميراڻي. ڊاڪٽر سيد باقر علي شاه چيئرمين اسپورٽس سيڪشن، محمد مراد پيرزاده ڊائريڪتر فزيڪل ايجوڪيشن، غلام مجتبي جتوئي ڊپٽي ڊائريڪٽر فزيڪل ايجوڪيشن، تاج محمد مهر، فريده چوهاڻ، علي نواز ميتلو، شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

  • شاگردن جا مسئلا يونين جي بحاليءَ سان حل ٿيندا: سنڌو نواز

لاڙڪاڻو(پ ر) شاگرد يونين جي بحالي سان سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ شاگردن کي ايندڙ درپيش مسئلا حل ٿي سگھن ٿا، قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي لاڙڪاڻي شاگردن سان ٿيندڙ زيادتين جو نوٽس وٺي ملوث ڪردارن کي سزا ڏني وڃي، اھڙي خيالن جو اظهار سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي چيئرپرسن سنڌو نواز گهانگهرو قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي لاڙڪاڻي جي شاگردن سان ملاقات ڪندي ڪيو، ھن چيو ته سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ شاگرد پنھنجي حقن لاءِ آواز اٿارين ٿا ته رات جي وقت انھن کي ھاسٽلن مان گھلي پوليس ھٿان گرفتار ڪرايو وڃي ٿو جيڪو انتھائي مذمت جوڳو عمل آهي،ھن چيو ته قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي جا شاگرد اڪيلا ناھن، سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽي انھن سان ھر وقت گڏ بيٺل آھي، ھن چيو ته يونيورسٽي انتظاميا پاران شاگردن کي گرفتار ڪرائڻ واري عمل انتھائي مذمت جوڳو آهي، جڏهن ته شاگردن جو ازالو ڪرڻ بجاءِ يونيورسٽي انتظاميا پاران انھن کي سسپنڊ ليٽر ڏنا ويا آھن جنھن کي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، ھنن مطالبو ڪيو سسپنڊ شاگردن کي بحال ڪيو ويو ۽ شاگردن سان ٿيل زيادتي جي ازالو ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو، جڏهن ته ان موقعي تي حمز علي چانڊيو، اسد مغيري، شھباز سنڌي ۽ ٻيا ساڻس گڏ ھئا.

  • ڪنب ۾ علامه اقبال هفتي جي پڄاڻي، ٽيبلوز پيش 

ڪنب (ن ع آ) علامه اقبال جي ياد جي سلسلي ۾ ايف جي پبلڪ اسڪول پنوعاقل ڪينٽ پاران هفته علامه اقبال ملهايو ويو هفتي جي پڄاڻي تي اسڪول پاران شاندار تقريب منعقد ڪئي ويئي ان موقعي تي اسڪول جي پرنسپال امجدعلي سومرو خطاب ڪندي چيو ته اسان جي ملڪ جي ترقي علامه اقبال جي فڪر سان سلهاڙيل آھي انڪري اسان کي سندس ٻڌايل رستي تي هلڻ گهرجي تقريب ۾ استادن غلام حسين شيخ عبدالجبارتمراڻي علي اڪبر شيخ عبدالغفورملڪ ۽ نورالعين پڻ علامه اقبال جي فڪر تي روشني وڌي.. ۔ان موقعي تي اسڪول جي شاگردن اقبال جي شاعري ۽ ٽيبلوز پيش ڪيا اقبال فڪر تي تقريري مقابلن ماحول کي گرمائي ڇڏيو ان موقعي تي ٻارن کي تياري ڪرائيندڙ استادن ۽ پوڙيشن ماڻيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي اسڪول پرنسپال انعامات ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا.

  • مقرري ۽ رٽائرمنٽ نوڪري جو حصو آهن: خليل ابوپوٽو

خيرپور( ڊ ر )شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي ريٽائر ٿيندڙ استادن سنڌي شعبي جي زاهده پروين مري، انسٽيٽيوٽ آف مائيڪروبائيولاجي جي ڊاڪٽر طارق زبير اويسي، شماريات شعبي جي عبدالقدير ميمڻ ۽ اڪنامڪس شعبي جي عزيز احمد ڦلپوٽو جي اعزاز ۾ آجياڻو ڏنو ويو. وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو آجياڻي جي صدارت ڪئي. ان موقعي تي پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو چيو ته مقرري ۽ ريٽائرمنٽ نوڪري جو بنيادي حصو آهن. نوڪري دوران بهترين خدمتون هميشه ياد رکيون وينديوين آهن. ريٽائر ٿيندڙ استادن جي تدريسي ۽ تحقيقي خدمتون وڏي عرصي تائين ياد رکيون وينديون. ڊاڪٽر خليل ابوپوٽو نوجوان استادن کي هدايت ڪئي ته هو ملڪ ۽ قوم جي مسئلن جي حل ۽ ترقي لاءِ تحقيق تي خاص توجو مرڪوز ڪن. هن استادن کي چيو ته هو تعليم ۽ تحقيق سان گڏوگڏ شاگردن جي اخلاقي ۽ ثقافتي تربيت تي به ڏيان ڏين. ان موقعي تي زاهده پروين مري، ڊاڪٽر طارق زبير اويسي ۽ عبدالقدير ميمڻ آجياڻو ڏيڻ تي وائيس چانسلر جو شڪريو ادا ڪيو.

  • سکر جي ڪالوني ۾ سوين ٻار تعليم کان محروم بڻيل والدين پريشان

سکر (رپورٽ:اظهر علي دايو ) سکر شهر الھه آباد ڪالوني جي رهواسين ممتاز علي شيخ،يونس مگسي، ارشد جتوئي،دلشاد ٽانوري، الهداد شيخ ۽ ٻين چيو آهي ته الھه آباد ڪالوني ڪيترن ئي سالن کان آباد آهي هتي رڳو مزدوري ۽ ڏهاڙي دار طبقو رهي ٿو،ڪالوني اندر ٻيون سهولتون ته پنهنجي جاءِ  تي پر ڪالوني اندر ڪوبه اسڪول نه آهي، جنهن سبب هن جديد دور ۾ پورهيتن جا سوين ٻار تعليم کان محروم بڻيل آهن،رهواسين جو چوڻ آهي ته  ڪالوني ۾ ڪوبه اسڪول نه هجڻ سبب پورهيت طبقي سان واسطو رکندڙ غريب رهواسي صبح جو پنهنجي ٻارن کي سبزي منڊي وٺي ويندا آهن جتي انهن کان پورهيو ڪرايو وڃي ٿو،تعليم جي سهولت کان وانجهيل هن ڪالوني جا رهواسي پنهنجي ٻارڙن جي مستقبل لاء پريشان آهن،هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته الھ آباد ڪالوني ۾ ڪنهن به پرائمري اسڪول جي برانچ کولي ڏني وڃي ته جئين ٻارڙا تعليم پرائي سگهن.

  • آدمجي ڪاليج انجنيئرنگ جون ٽئي پوزيشنون ماڻي ورتيون

گلشن اقبال (ن ع آ) آدمجي گورنمينٽ سائنس ڪاليج انٽرميڊيئٽ پري انجنيئرنگ جي امتحان ۾ ٽيئي پوزيشنون پنهنجي نالي ڪرڻ جو منفرد اعزاز حاصل ڪري ورتو آهي.ڪراچي تعليمي بورڊ جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر سعيد الدين  سالياني امتحاني نتيجن  جو باضابطه  اعلان ڪيو  ۽  پهرين، ٻين توڙي ٽين  پوزيشن حاصل ڪرڻ تي آدمجي سائنس ڪاليج جي پرنسيپال پروفيسر مشتاق مهر  سميت  استادن ۽  شاگردن کي مبارڪباد پيش ڪئي.آدمجي گورنمينٽ سائنس ڪاليج جي پرنسيپال  ۽ ناليواري شاعر پروفيسر مشتاق مهر جو چوڻ آهي ته  ھن سال انٽرميڊيئٽ پري انجنيئرنگ جي امتحان ۾ سندن  ڪاليج جي ذھين ۽ محنتي شاگردن ٽيئي پوزيشنون حاصل ڪيون آھن،هن چيو ته نتيجن موجب محمد علي ولد فرحان علي خان پهرين، محمد بلال صديقي ولد محمد وسيم صديقي ٻين، شعيب  خان ولد فهيم خان ۽ صميد انصار احمد ولد انصار احمد ٽين پوزيشن حاصل ڪئي.  ميڊيا سان ڳالهائندي پروفيسر مشتاق مهر چيو ته ٽيئي پوزيشنون ماڻڻ  استادن ۽ شاگردن سميت سندن والدين لاءِ  وڏو اعزاز آھي. هن چيو ته نمايان  ڪاميابي ڪاليج جي تاريخ ۾ يادگار بڻجي وئي آھي، جنهن تي هو  پنھنجي ڪاليج جي محنتي استادن، ذھين شاگردن ۽ سندن والدين کي دل جي گھراين سان مبارڪباد پيش ڪري ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.