ٺٽي ۾ ٽرانسپورٽرن جو رائلٽي ٽئڪس وٺڻ خلاف ڌرڻو

ٺٽو(ڊر)ٺٽو ٽرانسپورٽ اتحاد ضلعي ٺٽي پاران ريتي، بجري ۽ ڀٿر وارين گاڏين تي غير قانوني وڌيڪ لڳل ريالٽي ٽيڪس خلاف ٽرڪ مالڪن، ٽرانسپورٽرن پاران پنھنجون ٽرڪون کڻي مڪلي باء پاس مڪلي ٺٽو/ڪراچي قومي شاھراھ تي بيھاري روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو ھڻي سخت نعريبازي ڪئي، ڌرڻي سبب روڊ جي ٻنھي پاسن کان ھزارين گاڏيون بيھجي ويون. احتجاجي مظاھري کي خطاب ڪندي ٺٽو ٽرانسپورٽ اتحاد ضلعي ٺٽي جي اڳواڻن محمد امين بروھي، بابو رحيم ميمڻ، شاھنواز بروھي، غلام مصطفي جاکرو، سيد فدا حسين شاھ، حاجي بلند مري، دلاور خان، عبدالحق بروھي ۽ ٻين چيو تہ بااثر ٺيڪيدار پاران سنڌ حڪومت منرل ۽ مائينز کاتي پاران جاري ڪيل سرڪاري شيڊول بجاء پنھنجي مرضي سان حد کان وڌيڪ ريتي، بجري، روھڙي ۽ پٿر وارين گاڏين کان ريالٽي ٽيڪس جي اوڳاڙي ڪري رھيو آھي، جيڪا سندن وس ۾ ناھي،ھنن الزام ھڻندي چيو تہ بااثر ٺيڪيدار پنھنجا ھٿياربند ماڻھون ويھاري ڇڏيا آھن، جيڪي گاڏين جي ڊرائيورن ۽ پورھيت تي تشدد ڪرڻ سميت ڪلاڪن جا ڪلاڪ گاڏيون بيھاري کين سخت پريشان ڪري رھيا آھن. ھنن چيو تہ گذريل ٽن ڏينھن کان 2 ھزار گاڏيون بيھڻ ڪري ٽرڪن مالڪن سميت ھزارين پورھيت بيروزگار ٿي ويا آھن، پر سنڌ سرڪار معدنيات کاتي سميت ضلعي انتظاميہ ڪوبہ تحرڪ وٺڻ لاء تيار ناھي، جنھن ڪري مجبور ٿي روڊ بند ڪري ڌرڻو ھنيو آھي، اھو ڌرڻو وڌيڪ وصول ٿيڻ ٽيڪس تائين جاري رھندو. ھنن گھر ڪئي تہ کانئن سرڪاري ٽيڪس جيڪا اڳ وصول ڪئي ويندي ھئي اھا کانئن ورتي وڃي، جيڪا ھو ڏيڻ لاء تيار آھن، باقي بااثر ٺيڪيدار پاران لڳايل غيرقانوني ٽيڪس ھو ھرگز ادا نہ ڪندا، ھنن سنڌ سرڪار کان فورن نوٽيس وٺي ساڻن انصاف ڪرڻ ۽ غنڊہ ٽيڪس ختم ڪري ڊرائيورن ۽ عملي کي تحفظ ڏيڻ جي گھر ڪئي. ان موقعي تي پوليس جي وڏي نفري پھچي ايس سي ٺٽو جي اڳواڻي ۾ مظاھرين سان ڳالھين جي ڪوشش ڪئي پر مظاھرين سندن ھڪ بہ ڳالھ مڃڻ کان انڪار ڪندي چيو تہ جيستائين اضافي لاڳو غير قانوني ٽيڪس جي اوڳاڙي ختم نہ ٿيندي سندن احتجاج جاري رھندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.