حڪومت کي ٽف ٽائم ڏيڻ تي اتفاق، سرڪاري ٽڪساٽ ناڪام بڻائينداسين:بلاول فضل الرحمان

اسلام آباد( م ڊ) پيپلز پارٽي ۽ پي ڊي ايم ويجها اچڻ لڳا، پ پ چيئرمين بلاول مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪري حڪومت کي سوڙهو ڪرڻ تي اتفاق ڪيو  آهي. بلاول ڀٽو زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان چيو آھي تھ پارليامينٽ ۾ گڏجي حڪومتي پاليسيز ۽ ٽڪساٽ ناڪام بڻائينداسين.  پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، قمر زمان ڪائرا ۽ ٻين اڳواڻن سان گڏ اسلام آباد ۾ پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه پهتو، جتي مولانا فضل الرحمان ۽ ٻين سندن پرجوش آجيان ڪئي. ميڊيا کي گڏيل بريفنگ ڏيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مخالف ڌر جماعتن اتحاد جو مظاهرو ڪندي وفاقي سرڪار کي نيب قانونن، چونڊ سڌارن ۽ ٻين معاملن تي هڪ طرفي قانون سازي کان روڪي ورتو ۽ حڪومت کي شڪست ملي. پ پ چيئرمين چيو ته اسان مولانا فضل الرحمان جا ٿورائتا آهيون جنهن ان عرصي دوران اپوزيشن جماعتن کي متحد رکڻ ۽ حڪومت خلاف سرگرم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. بلاول چيو ته اسان سڀ گڏجي جمهوري انداز ۾ هن حڪومت کي ناڪام بڻائي سگهون ٿا. بلاول چيو ته پيپلزپارٽي جي پي ڊي ايم ۾ ٻيهر شموليت واري معاملي تي ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿي. پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان جعلي مينڊيٽ واري هن حڪومت کي آئيني طور تسليم نه ٿا ڪيون، تنهن ڪري اهڙي حڪومت جي ڪا به قانونسازي به اسان کي قبول نه آهي. هن چيو ته وفاقي سرڪار جعلي عددي اڪثريت ظاهر ڪندي جيڪڏهن قانون منظور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسان ان کي آمراڻو قدم قرار ڏينداسين ۽ اهڙي قانونسازي جي ڪا حيثيت نه هوندي. مولانا فضل الرحمان چيو ته اپوزيشن جي اتحاد سبب وفاقي حڪومت کي ڀڄڻو پيو ۽ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس ملتوي ڪرڻو پيو. مولانا فضل الرحمان چيو ته بلاول ڀٽو زرداري اسان وٽ مهمان ٿي آيو آهي، تنهن ڪري هن موقعي تي اهڙي ڪا به ڳالهه ڪرڻ نه ٿا چاهيون جيڪا مهمانداري جي روايتن جي خلاف هجي. سينيٽ چيئرمين خلاف بي اعتمادي رٿ تي ڪابه ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي، وقت ايندو ته اِن تي ڳالهائينداسين، پ پ سان پارليامينٽ کان ٻاهر اتحاد بابت اڪيلي سر فيصلو نه ڪنداسين. ملاقات دوران سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر يوسف رضا گيلاني سوڌو ٻنهي پارٽيز جا اڳواڻ به موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.