حڪومت ڏچي ۾، مخالف ڌر بعد اتحادي به باغي، ف ليگ جي لاتعلقي، ق ليگ جو اڄ اجلاس

ڪراچي/ لاهور(رپورٽر/ م ڊ) وفاقي سرڪار ۽ ان جي اتحادي پارٽين ۾ ويڇا وڌڻ لڳا آهن.  مسلم ليگ ق جو اجلاس ٿيو، فنڪشنل ليگ به لاتعلقي جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي. لاهور ۾ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي جي صدارت هيٺ مسلم ليگ ق جي سينٽرل ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ وفاقي وزير طارق بشير چيما، مونس الاهي، سينيٽر ڪامل علي آغا، سالڪ حسين ۽ حسين الاهي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پنجاب حڪومت جي رويي ۽ خدشن جي حوالي سان لائحه عمل ۽ سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڪامل علي آغا موجب پنجاب حڪومت جي رويي تي پارٽي طرفان گهڻيون شڪايتون اچي رهيون آهن، اتحادي هجڻ جي ڳالهه الڳ آهي، عثمان بوزدار وٽ اسان لاءِ ملاقات جو وقت ئي ناهي. پنهنجي اسپيڪر سان رڳو بجيٽ اجلاس جي لاءِ ملاقات ڪندا آهن. ق ليگ جي سينٽرل ڪميٽي جو اجلاس اڄ تائين ملتوي ڪيو ويو .اجلاس ۾ پنجاب حڪومت جي رويي ۽ خدشن بابت لائحه عمل جوڙيو ويندو.  هوڏانهن فنڪشنل ليگ به باغي ٿيڻ لڳي. ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ مسلم ليگ ق کانپوءِ فنڪشنل ليگ به حڪومت اتحاد کان باغي ٿيڻ لڳي. فنڪشنل ليگ سنڌ جي سيڪريٽري سردار عبدالرحيم  چيو آهي ته فنڪشنل ليگ وفاقي حڪومت کان لاتعلقي اختيار ڪري ورتي آهي. عمران خان کي چارٽر  آف ڊمانڊ ڏنو، ان تي ڪجهه ناهي ٿيو، هاڻ حڪومت خلاف کلي ڳالهائينداسين. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.