ماڻهو پوليس کان مايوس ٿي چڪا آهن، گم ٿيلن جو معاملو الله تي ڇڏيو آهي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌهاءِ ڪورٽ  جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس مبين لاکي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ شهري محمد جاويد سوڌو ٻين گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، درخواستگذار ۽ سندن وڪيل عدالت ۾ پيش نه ٿيا، جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو رمارڪس ڏنا ته ماڻهو پوليس کان مايوس ٿي چڪا آهن. ان ڪري عدالت نٿا اچن، ماڻهن هاڻي معاملو الله تي ڇڏيو آهي، هر تاريخ تي عدالت کان به رپورٽ جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت گهري وڃي ٿي، چون ٿا ته فلاڻي اداري کي خط لکيو آهي رپورٽ ناهي آئي، چار چار سال گذري وڃن ٿا پر رپورٽ نٿي اچي، ڊپٽي اٽارني جنرل چيو ته گهرو ۽ دفاع وارن کاتن جي فوڪل پرسن کي طلب ڪيو وڃي، جنهن تي عدالت رمارڪس ڏنا ته گهرايون نٿا، هاڻي گهرو کاتي جي سيڪريٽري جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪريون ٿا، جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو رمارڪس ڏيندي چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ سنجيده قدم کنيا وڃن، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي وفاقي گهرو کاتي جي سيڪريٽري ۽ ٻين کان رپورٽس طلب ڪري ورتيون آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.