هفتي دوران مهانگائي جي شرح ۾ 1 ڏهائي 81 سيڪڙو واڌ

اسلام آباد(م ڊ) شماريات کاتي ملڪ ۾ مهانگائي جي هفتيوار رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هفتي دوران مهانگائي جي شرح  ۾ 1 ڏهائي 81 سيڪڙو  واڌ ٿي، جنهن بعد مهانگائي جي شرح 17 ڏهائي 37 سيڪڙو ٿي وئي آهي. رپورٽ موجب گهٽ آمدني وارن ماڻهن لاءِ مهانگائي جي شرح 18 ڏهائي 62 سيڪڙو تي پهچي وئي آهي. رپورٽ موجن هفتي دوران 30 شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي، 6 شين جا اگهه گهٽ ٿيا، جڏهن ته 15 شين جا اگهه برقرار رهيا، رپورٽ موجب ٽماٽن جي في ڪلو اگهه ۾ 23 رپيا 29 پئسا، گيهه جي اگهه ۾ 12 رپيا 07 پئسا واڌ ٿي، اهڙي طرح بيدن، پٽاٽن، بصر، ڳڙهه، ايل پي جي ۽ گوشت جي اگهه ۾ واڌ ٿي، جڏهن ته بجلي جي في يونٽ اگهه ۾ 18پئسا اضافو ٿيو، جڏهن ته کنڊ 10 رپيا 29 پئسا ۽ اٽي جي 20 ڪلو وارو ٿيلهو 3 رپيا 11 پئسا سستو ٿيو، هفتي دوران دالين جا اگهه به گهٽ ٿيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.