ڊالر هڪ رپيو 81 پيسا مهانگو، 176 رپيا 50 پئسا ٿي ويو

ڪراچي(م ڊ)انٽر بينڪ ۾ ڊالر جو اگهه اڄ به هڪ روپيو 81 پيسا وڌي پاڪستاني تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو.انٽر بينڪ کانسواءِ اوپن مارڪيٽ ۾ به ڊالر جي اڏار جو سلسلو جاري آهي ۽ گذريل ڏينهن مارڪيٽ ۾ ڊالر 176 روپيا 50 پيسن ۾ وڪرو ٿي رهيو هو، هلندڙ هفتي انٽر بينڪ ۾ ڊالر جو ملهه 5 روپيا 72 پئسا وڌيو آهي جڏهن ته هلندڙ مالي سال پهرين جولاءِ کان 12 نومبر تائين ڊالر انٽر بينڪ ۾ 18 روپيا 19 پيسا مهانگو ٿيو، اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جو اگهه هڪ رپيو پنجاهه پيسا واڌ سان 178 رپيا آهي.

  • شهباز شريف جو هڪ نه پر ٽي ڀيرا اي سي ايل ۾ نالو وجهي ڇڏيو: مريم اورنگزيب

لاهور(م ڊ) ن ليگ جي اڳواڻ مريم اورنگزيب چيوآهي ته شهباز شريف جو نالو هڪ دفعو نه پر ٽي چار دفعا اي سي ايل ۾ وجهي ڇڏيو، ڪو فرق نه ٿو پوي، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته عمران خان جي پهرين ترجيح مهانگائي ۽ معيشيت کي ٺيڪ ڪرڻ بدران شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ آهي. هن چيو ته عمران خان اٽو، کنڊ، بجلي، گئس ۽ دوا مافيا کي آرڊيننس ذريعي اين آر او ڏئي ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.