گئس بحران ، صرف رڌ بچاءُ وقت فراهمي، سنڌ ۾ هفتي ۾ 3 ڏينهن سي اين جي بندش جو امڪان

اسلام آباد (م ڊ) ملڪ ۾ گئس بحران سنگين ٿي ويو. توانائي واري وزارت سياري جي موسم ۾ گهريلو واهپيدارن کي رڳو کاڌو پچائڻ جي وقت ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا گيس ڏيڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي. سنڌ ۾ سياري دوران سي اين جي اسٽيشنون هفتي ۾ 3 ڏينهن بند رکڻ جو امڪان آهي.  حماد اظهر چيو آهي ته سنڌ 70 سيڪڙو نه پر 38 سيڪڙو گئس سپلاءِ ڪري رهي آهي.   سينيٽ ۾ مخالف ڌر  جي گئس بحران تي بحث دوران حڪومت مٿان ڇتي تنقيد ڪئي.  پ پ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته  ملڪ ۾ گئس جو سنگين بحران آهي، گئس جا اگهه به خوفناڪ حد تائين 300 سيڪڙو وڌايا ويا آهن. نيب ۽ اوگرا ايل اين جي اسڪينڊل تي ڇو خاموش آهن؟ شيري رحمان جو چوڻ ھو تھ حڪومت گرمين ۾ سستي ايل اين جي خريد نه ڪئي، هاڻي 30 ڊالرز مهانگي ايل اين جي خريد ڪرڻ سان 10 کرب جو نقصان ٿيو آهي، نئين پاڪستان ۾ ماڻهو رڌ پچاءُ به نه ڪري سگهندا، سڄو ملڪ سنڌ ۽ بلوچستان جي گئس کائي ويو، پر ٻنهي صوبن کي ڪجهه نه مليو، 70 سيڪڙو گئس پيدا ڪرڻ باوجود سنڌ ۾ 52 سيڪڙو آبادي جي چُلهه ٿڌي ٿي رهي آهي، معيشت ۽ گهريلو واهپيدارن لاءِ گئس ڏيڻ سنڌ جو آئيني حق آهي. وفاقي حڪومت سنڌ مان نڪرندڙ گئس جو 80 سيڪڙو صوبي ۾ ئي استعمال ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي.  توانائي جي وفاقي وزير حماد اظهر سينيٽ ۾ گئس بحران تي بحث دوران چيو آهي ته سنڌ 70 سيڪڙو نه، پر 38 سيڪڙو گئس سپلاءِ ڪري ٿو. وفاقي وزير جو چوڻ ھو تھ بلوچستان 40، ڪي پي 12 ۽ پنجاب 8 سيڪڙو گئس فراهم ڪري ٿو، 2019ع کان گئس جا اگهه نه وڌيا آهن، سڀ کان وڌيڪ گئس ذخيرن ۾ گهٽتائي سنڌ ۾ ٿي رهي آهي، ٻن ٽن سالن ۾ سنڌ به گئس خريد ڪندڙ صوبو بڻجي ويندو. ھن چيو تھ  ملڪ ۾ گئس بحران جو ايل اين جي سان ڪوبه واسطو نه آهي، ملڪي تاريخ ۾ سڀ کان سستو ايل اين جي معاهدو پي ٽي آءِ حڪومت ڪيو، نواز ليگ جي حڪومت ۾ لڳايل ايل اين جي ٽرمينلز تي چار ڪروڙ رُپيا هڪ ڏينهن ۾ ادا ڪرڻا پوندا آهن. هوڏانهن ڪابينا جي توانائي ڪميٽي طرفان ايندڙ هفتن ۾ سياري جي لاءِ گيس لوڊ مينيجمينٽ پلان جي منظوري ڏني ويندي جڏهن ته منظوري جي لاءِ توانائي واري وزارت جي پيٽروليم ڊويزن تجويزون تيار ڪري ورتيون آهن. پيٽروليم ڊويزن طرفان سياري ۾ گهريلو واهپيدارن جي لاءِ ڏينهن ۾ رڳو ٽي ڀيرا کاڌو پچائڻ لاءِ گيس فراهم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، مطلب ته کاڌي کائڻ جي طئي ٿيل وقت کانپوءِ گيس موجود نه هوندي.  ذريعن موجب اها تجويز ڪميٽي جي اجلاس ۾ پهريون به پيش ڪئي وئي هئي پر عمل ڪرڻ جوڳي نه لڳي ۽ فيصلو رد ڪيو ويو جڏهن ته هاڻي اهو فيصلو ايندڙ هفتي ٿيندو.  ٻئي اهم ترين تجويز اها آهي ته سياري جي موسم ۾ گيس پريشر ۾ گهٽتائي جي ڪري پنجاب، وفاقي گادي واري هنڌ اسلام آباد ۽ سوئي نادرن گيس سسٽم جي علائقن ۾ ڊسمبر ۽ جنوري جا ٻه مهينا گاڏين لاءِ سي اين جي مڪمل طور بند ڪئي ويندي جڏهن ته سنڌ ۾ سوئي سڌرن جي علائقن ۾ هفتيوار سي اين جي جي فراهمي ٽن ڏينهن لاءِ بند ڪئي ويندي. اها به تجويز ڏني وئي آهي ته پاور سيڪٽر، برآمدي صنعتن ۽ ڀاڻ جي صنعت گيس جي بنا روڪ جي فراهمي جاري رکي ويندي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.