ٺل ۾مڙس زال کي باهه ڏئي ڇڏي، عورت جي حالت نازڪ، وارثن جو احتجاج

ٺل( رپورٽ نماڻو نونارر) ٺل جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد باءَ پاس وٽ  مڙس محمد مٺل لاشاري پاران گهرو تڪرار تان پنهنجي نوجوان زال مسمات حوا خاتون مٿان پئٽرول هاري باه ڏئي ڇڏي جنهن جي چهري جو اڌ حصو ۽ سينو پڻ ماثر ٿيو آهي جڏهن ته باه ڏئي ساڙيل زال کي هڪ هفتو گهر ۾ قيد رکڻ بعد سهري اڪبر لاشاري جي گهر ڇڏي واپس هليو ويو ڌي کي باه ڏئي ساڙڻ جو اطلاع ملندي ئي زخمي ٿيل عورت کي ساڻ ڪري اي سيڪشن ٿاڻي تي پهچي ويا جتي زخمي ٿيل عورت مسمات حوا خاتون لاشاري ٻڌايو ته مون کي مڙس چئن سالن کان وٺي تشدد ڪندو هو 6 ڏينهن اڳ گهر ۾ مون مٿان پئٽرول هاري باه ڏني ۽ علاج به نه ڪرايو گهر ۾ قيد ڪري ڇڏيو مون کي ڌمڪيون ڏنيون ته جيڪڏهن ماءُ ۽ پيءُ کي باه ڏئي ساڙڻ جو ٻڌائيندي ته تنهنجي ڀاءُ ۽ تنهنجي ٻارڙن کي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيندس هن چيو ته مان هن کي نه وڻندي هئس هن بلاجواز باه ڏني آهي مون سان ظلم ڪيو آهي منهنجي ٻن ٻارڙن جي زندگي به خطري ۾ آهي جنهن ڪري مان هن سان گڏ رهڻ نه ٿي چاهيان ٻئي طرف زخمي ٿيل عورت جي والد علي اڪبر .لاشاري ماءُ قائمان خاتون ۽ بين ٿاڻي آڏو احتجاج ڪندي دانهيو ته اسان محمد مٺل سان ڏي وٽ ڪئي هئيسن گذريل 4 سالن کان وٺي منهنجي ڌي تي پڻ تشدد ڪندو هو هاڻي ته هن ظلم ڪيو آهي نياڻي مٿان پئٽرول هاري باه ڏني آهي جيڪو انتهائي ڪيو آهي اسان جو مطالبو آهي ته جوابدار کي ڦاسي ڏني وڃي زخمي ٿيل عورت جي وارثن جي احتجاج بعد پوليس الزام هيٺ آيل مڙس محمد مٺل لاشاري کي ٿاڻي تي گهرائي ورتو جتي هن  ٻڌايو ته مان زال تي پئٽرول هاري باه ناهي ڏني هن پاڻ مٿان پئٽرول هاري باه ڏني هئي جنهن جو اطلاع مان هن جي ڀاءُ کي ڏنو هو هو هروڀرو مون مٿان الزام هڻي رهيا آهن مان ڪئين پنهنجي زال کي باه ڏيندس ته پوءِ ڪير منهنجو خيال ڪندو پوليس موجب عورت ڪيس داخل ڪرائيندي ته جوابدار کي گرفتار ڪيو ويندوباه ڏئي زخمي ڪيل عورت جي مڙس محمد مٺل لاشاري اڳ به ٻه شاديون ڪيون جيڪي ٻئي زالون فوت ٿي چڪيون آهن جنهن بعد هن مسمات حوا خاتون سان شادي ڪئي جنهن مان هڪ ڌيءَ ۽ هڪ پٽ آهي.

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.