شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ ڏيڻ جي سفارش

اسلام آباد (م ڊ) قومي احتساب بيورو (نيب) مسلم ليگ ن جي صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ (اي سي ايل) ۾ شامل ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي. هم نيوز ذريعن موجب ڪابينا ڪميٽي شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏيندي. نيب جو موقف آهي ته مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف نيب ڪيسن ۾ ملزم آهي ۽ خدشو آهي ته هو ملڪ ڇڏي هليو ويندو. مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو ته شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ عمران خان جي ترجيح آهي. عمران خان جي ترجيح مهانگائي ۽ معيشت کي ٺيڪ ڪرڻ ناهي. مريم اورنگزيب چيو ته شهباز شريف جو نالو هڪ نه، ٻه نه، ٽي چار ڀيرا اي سي ايل ۾ شامل آهي. عمران خان اٽو، کنڊ، بجلي، گيس ۽ دوائون مافيا کي آرڊيننس ڏئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.