پاڪستان جو قرض 41 هزار ارب رپين تائين پهچي ويو

اسلام آباد ( م ڊ) پاڪستان جي سرڪاري قرضن ۾ ٽن سالن ۾ 14 هزار 906 ارب رپين جو اضافو ٿيو آهي ۽ مaجموعي قرض 41 هزار اربرپين تائين پهچي ويو آهي. ناڻي واري وزارت ملڪ جي اندروني ۽ پرڏيهي قرضن ۽ ود جي ادائيگي جا تفصيل ايوان ۾ پيش ڪيا. ناڻي واري وزارت پاران ايوان ۾ جمع ڪرايل رپورٽ موجب حڪومت قرضن تي وياج جي مد ۾ 7 هزار 460 ارب رپيا ادا ڪري چڪي آهي. لکت واري جواب ۾ چيو ويو ته ٽن سالن دوران 50 سيڪڙو وياج ادا ڪيو ويو. موجوده حڪومت جي ٽن سالن ۾ پاڪستان جو اندروني قرض 10 هزار ارب کان وڌي ويو آهي. جون 2018ع ۾ ملڪ جو اندروني قرض 16 هزار ارب هو، آگسٽ 2021ع تائين اندروني قرض 26 هزار ارب کان وڌي ويو. ٽن سالن ۾ ملڪ جي پرڏيهي قرضن ۾ 6500 ارب جو اضافو ٿيو. جون 2018ع ۾ پرڏيهي قرض 8.5 بلين هو. آگسٽ 2021ع تائين پرڏيهي قرض 14 هزار ارب کان وڌي ويو. جون 2018ع ۾ ملڪ جو ڪل قرض 25 هزار ارب رپيا هو. آگسٽ 2021ع تائين ملڪ جو ڪل قرض 41 هزار ارب رپين تائين پهچي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.