اوگرا چيئرمين مقرري، پرويز اشرف ۽ گيلاني جي درخواست

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج محمد بشير جي عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ اڳوڻي چيئرمين اوگرا توقير صادق جي غيرقانوني مقرري ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف ۽ يوسف رضا گيلاني به نيب ترميمي آرڊيننس جي تحت درخواست داخل ڪري ڇڏي. جنهن کان پوءِ عدالت جواب لاءِ نيب کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. ٻڌڻي دوران راجه پرويز اشرف ۽ يوسف رضا گيلاني کان علاوه اڳوڻي سيڪريٽري سڪندر حيات ميڪن جاويد نذر، شوڪت حيات دراني به نيب ريفرنس کي چيلينج ڪندي ريفرنس رد ڪري ڪرپشن ريفرنس کان بري جي استدعا ڪئي. درخواست ۾ چيو ويو ته نيب ترميمي آرڊيننس جي تحت ڪيس احتساب عدالت جو نٿو بڻجي. ريفرنس رد ڪري ڪيس کان بري ڪيو وڃي. جنهن کان پوءِ عدالت جواب لاءِ نيب کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 19 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ياد رهي ته مبينه ڪرپشن ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني سميت ڇهه جوابدار نامزد آهن جن خلاف قانون ۽ ميرٽ کان هٽي ڪري توقير صادق کي اوگرا چيئرمين مقرر ڪرڻ جو الزام آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.