سينيٽ ۾ سرڪاري ملڪيتن تان قبضا هٽائڻ جو آرڊيننس پيش

اسلام آباد  ( م ڊ) سينيٽ ۾ سرڪاري ملڪيتن (قبضا هٽائڻ) جو آرڊيننسس 2021ع پيش ڪيو ويو. ڪالهه جمعي ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد خان اهو آرڊيننس ايوان ۾ پيش ڪيو.

  • قومي اسيمبلي جو اجلاس سومر ڏينهن شام 5 وڳي تائين ملتوي

اسلام آباد  ( م ڊ) قومي اسيمبلي جو اجلاس سومر ڏينهن شام 5 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو. ڪالهه جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سوالن جوابن جي وقفي کانپوءِ ايجنڊا ۾ شامل معاملا اڪلايا ويا. بعد ۾ اسپيڪر اسد قيصر قومي اسيمبلي جو اجلاس سومر ڏينهن شام 5 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

  • شرجيل ميمڻ جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ بابت ٻڌڻي 15 نومبر تائين ملتوي

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ڪي ڪي آغا جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ پ پ جي اڳواڻ شرجيل ميمڻ جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ واري درخواست 15 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي، عدالت سمورين ڌرين کي جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، شرجيل ميمڻ کي 15 نومبر کان دبئي ۾ شروع ٿيندڙ  فيسٽيول ۾ سنڌ حڪومت جو فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويو آهي، اي سي ايل ۾ نالو هجڻ ڪري هو ٻاهر نٿو وڃي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.