شهيد ناظم جوکئي کي وحشياڻي نموني قتل جي تصديق، جسم تي هر هنڌ تشدد جا نشان

ڪراچي(رپورٽر)ناظم جوکيو قتل ڪيس جي شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ تيار ڪئي وئي آهي، ڊاڪٽرن پوليس اختيارين کي شروعاتي طور موت جو سبب تشدد ٻڌائي ڇڏيو. ناظم جوکيي جي جسم تي هر هنڌ تشدد جا نشان آهن، مٿي جي پٺين حصي ۾ به تشدد جا نشان آهن. پوسٽ مارٽم رپورٽ موجب ائين لڳي رهيو آهي ته ناظم جو موت مٿي تي ڏنڊو لڳڻ سان ٿيو، مٿي جي پٺين حصي تي ڌڪ لڳڻ سان رت ڄميل آهي. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته موت جو حتمي سبب ڄاڻڻ جي لاءِ ڪيميڪل ۽ پيٿالاجيڪل رپورٽ جو انتظار آهي، ڪيميڪل ۽ پيٿالوجيڪل نمونا ڪراچي يونيورسٽي موڪليا ويا آهن، انهن جي رپورٽ اچڻ ۾ وقت لڳندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪيميڪل ۽ پيٿالوجيڪل رپورٽ اچڻ کانپوءِ حتمي رپورٽ جاري ڪئي وئي.

  • جاگيردار ۽ سردار جي نڪ ۾ ناڪيلي جو وقت اچي ويو: زين شاهه

سڪرنڊ( ن ع آ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سيد زين شاهه کي ڪوڙن ڪيسن مان بري ٿيڻ تي سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ نئون ٻاٺو ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي اڳواڻن محمد خان گدارو ۽ علي حسن گدارو پاران شاندار آجياڻو ڏنو ويو. ان موقعي تي جلسي عام کي خطاب ڪندي سيد زين شاهه چيو ته سنڌ جي ماڻهن تي ظلم ڪندڙ جاگيردار ۽ سردار جي نڪ ۾ ناڪيلي وجهڻ جو وقت اچي ويو آهي. ظلم خلاف جيڪو ڏيئو روشن ٿيو آهي. ان کي اجهائڻ نه ڏبو. ڀوتارڪو نظام ختم ٿيڻ گهرجي. اڪثريت اقتدار خاطر وطن سان دشمني ڪن ٿا. هن چيو ته مرڪز ۽ صوبن جي ڳٺ جوڙ ذريعي حڪومتون آنديون وڃن ٿيون. ايئن ٿيو ته ماڻهو بغاوت تي لهي ايندا. اسان جي ملڪ جون حڪومتون ٻين ملڪن ۾ هٿ چراند ڪنديون ته يقينن ان جا اثر اسان جي ملڪ تي به پوندا. ڪرپشن ڪندڙ پ پ حڪمران ظاهر ٿي چڪا آهن. ان باوجود به نيب عوام جي اکين ۾ سرمو وجهي ڊيل ڪري چپ ڪري ويهي رهيو آهي. 03

  • شهيد جو ڀاءُ آهيان، ڌمڪين جو خوف ناهي: افضل جوکيو

ڌاٻيجي (ن ع آ) شهيد ناظم جوکيو جو ڏهو، قرآن خواني ، مختلف ڌرين پاران تعزيت، ان موقعي تي شهيد ناظم جوکيو جي ڀاءُ افضل جوکيوچيو ته اسان هر قيمت تي قانوني طريقي سان ڪيس وڙهنداسين ۽ سنڌ جي قومپرستن ۽ سماجي اڳواڻن جا شڪر گذار آهيون جن ساٿ ڏنو ۽ اميد ٿا ڪريون ته شهيد ناظم کي انصاف ڏيارڻ لاءِ اسانجو ساٿ ڏيندا. مون کي ڌمڪيون ڀلي ڏيو پر آءُ شهيد ناظم جو ڀاءُ آهيان بهادر ڀاءُ تي مون کي فخر آهي انجي قاتلن کي ڪٽهڙي ۾ آڻي ضرور سزا ڏياري ويندي. ان موقعي  تي پ پ شهيد ڀٽو جا اڳواڻ پڻ موجود هئا.

  • ناظم جي وارثن ۽ وڪيلن کي ڌمڪين جي مذمت ڪيو ٿا;رسول بخش خاصخيلي

    حيدرآباد (پ ر)  عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي ملير ۾ بيدردي سان قاتل ڪيل ناظم جوکيو جي وارثن کي ڪيس تان هٿ کڻائڻ ۽ وڪيلن کي ڌمڪيون ڏيڻ جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي سنڌ ۾ جهنگ جو قانون لاڳو ڪيو ويو آهي. ناظم جوکيو جي قتل خلاف سڄي سنڌ سراپا احتجاج آهي، پر سردارن، وڏيرن، جاگيردان ۽ ڀوتارن جي حڪومت مظلوم ناظم جوکيو جي قاتلن جي طرفدار بڻيل آهي. ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي چيو آهي ته مقتول ناظم جوکيو جي ڀاءُ افضل جوکيو پوليس جي انڪوائري ڪميٽي تي بي اعتمادي ظاهر ڪئي آهي، ان مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌ جي ماڻهن جو پوليس جي اداري تي ڪوبه ڀروسو نه آهي، پوليس مڪمل طور تي وڏيرن ۽ سردارن جي ڪمداري جو ڪم ڪري ٿي. هن چيو آهي ته ناظم جوکيو جي قتل خلاف سپريم ڪورٽ نوٽس وٺي ۽ ناظم جوکيو جي خون سان انصاف ڪري.   ٻئي پاسي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي جي قيادت ۾ مرڪزي وفد شام جو ٽي وڳي ڪامريڊ منان چانڊيو تي آخري آرمگاهه تي پهچي گلن جي چادر چاڙهيندو ۽ ان کان پوءِ جلسي عام جي شروعات ڪئي ويندي.

     

  • لاڙڪاڻي جي وڪيلن قتلن ۾ ملوث ايم اين ايز يا ايم پي ايز جي ميمبرشپ رد ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

     

لاڙڪاڻو(رپورٽ: مرتضيٰ ڪلهوڙو) لاڙڪاڻي جي وڪيلن سنڌ ۾ فرسوده سردار نظام کي رد ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ سرداري نظام اڏوهي کاڌل ۽ قوم لاءِ ناسور ۽ هٿ ٺوڪيو نظام آهي. ان سلسلي ۾ روزاني عوامي آواز پاران “سنڌ جو نعرو، سرداري نظام کان ڇوٽڪارو” واري مهم جي حوالي سان لاڙڪاڻو بار ايسوسئيشن جي صدر اڪبر ڏهر سنڌ ۾ سرداري نظام کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته سرداري نظام بلوچستان ۾ آهي ۽ سنڌ ۾ هٿ ٺوڪيو سرداري نظام ٺاهيو ويو آهي ۽ سردار بيگناهه ماڻهن سان ظلم، زيادتيون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته سنڌ ۾ سرداري نظام جو وجود ئي ناهي جنهن کي به پئسو هٿ ۾ اچي وڃي ٿو ته اُهو پاڻ کي سردار سڏرائي ٿو ۽ سياسي پارٽي ۾ شامل ٿي ماڻهن کي ڏنڀي رهيو آهي. وڪيل ايڊووڪيٽ امداد مشوري چيو ته سرداري نظام سنڌ ۾ ناسور بڻيل آهي ۽ اڏوهي جي روپ ۾ سنڌي قوم کي لڳل آهي جنهن ڪري سنڌ جي تباهيءَ جو وڏو سبب سردار ۽ سرداري نظام آهي، سنڌ ۾ تاريخي طور تي سرداري نظام ڪٿان آندو ويو آهي؟. هن چيو ته شهيد ناظم جوکيو اڄ جو جاکوڙي هوشو ۽ هيمون ڪالاڻي جو ڪردار هو جنهن وقت جي فرعونن سان مهاڏو اٽڪائي تاريخ ۾ امر ٿي ويو آهي ۽ هن وقت سنڌ بدبودار سردار سان نه پر شهيد ناظم جوکيي سان گڏ بيٺل آهي ۽ قمبر ضلعي ۾ سنڌ جي نياڻي فهميده سيال کي بيگناهه قتل ڪيو ويو آهي جيڪي سرداري نظام جون ڪڙيون آهن ۽ طاقت جو هڪ نمونو آهي ان جي اسين سخت مذمت ڪريون ٿا. وڪيل حبيب الله غوري چيو ته سردار نظام ۾ جرڳا ڪرڻ قانون جي ڀڃڪڙي آهي جيڪڏهن ڪو سردار عوام جي فائدي جي ڳالهه ڪري ٿو ته اُهو صحيح آهي سرداري نظام سمورو خراب ناهي پر وزيراعظم، سردار، وڏيرو قانون کان مٿانهون ناهن ۽ جيڪڏهن هو ڪو ذاتي غيرقانوني ڪم ڪندو ته ان ۾ نظام ذميوار ناهي. هن چيو ته سردار هجي يا ڀوتار هجي جيڪڏهن ڪو غلط عمل ڪري ٿو ته ان جو ڪيس عدالت ۾ هلندو ۽ ثابتي ملڻ تي عدالت ئي ان کي سزا ڏئي سگهي ٿي جيڪڏهن هڪ ماڻهو غلط ڪم ڪيو ته سڀ چار چڱا خراب نه سمجهيا وڃن. ايڊووڪيٽ عمران عباسي چيو ته سنڌ ۾ پراڻي زماني کان سرداري نظام هلندڙ آهي جيسيتائين هيٺيون ۽ ڪمزور طبقو ان کي ننديندو نه ۽ شعور جو مظاهرو نه ڪندو تيستائين ان نظام کي ختم ڪرڻ يا تبديل ڪرڻ مشڪل آهي. هن چيو ته عدالتون ڪم ڪري رهيون آهن جيڪڏهن عدالتي نظام نه هجي ته سردار ماڻهن کي ڪچو کائي وڃن، سردارن کي خوف عدالتن مان ئي آهي. جيڪڏهن سنڌ ۾ پوليس سردار، ڀوتارن ۽ وڏيرن جي وانگار نه وهي ته ڪافي حد تائين حالتون بهتر ٿي سگهن ٿيون جنهن سان ئي سرداري نظام ۾ ٿيندڙ ظلم کي روڪي سگهجي ٿو. ايڊووڪيٽ افضل جاگيراڻي چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ قاتلن جو هڪ ٽولو ويٺل آهي، شهيد ناظم جوکيي کي به بيگناهه قتل ڪيو ويو، نواب سردار خان چانڊيو، گهنور خان اسراڻ ۽ ڄام اويس گهرام جوکيو جن جا هٿ بيگناهه ماڻهن جي رت سان رڱيل آهن. هن چيو ته قمبر ۾ فهميده سيال کي قرآن هٿن ۾ هجڻ جي باوجود گولين جو کاڄ بڻائي بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو. هن چيو ته حڪومتي ڌر توڙي مخالف ڌر جا سياستدان سياست ڪري غريبن جي قتلن تي جمهريون هڻن ٿا اهڙي سياست نه ڪئي وڃي ۽ سنڌ ۾ سرداري نظام زهرِ قاتل آهي ان لاءِ عدليه کي پنهنجو رول ادا ڪرڻو پوندو. ايڊووڪيٽ علي بخش مشوري چيو ته بيگناهه ماڻهن جي قتل ۾ ملوث ايم اين ايز يا ايم پي ايز جي اسيمبلين مان ميمبرشپ رد ڪئي وڃي ۽ اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ سردارن، بااثر وڏيرن ۽ جاگيردارن کي ٽڪيٽون ڏيڻ بجاءِ شريف ۽ وچولي طبقي جي ماڻهن کي پارٽيءَ جون ٽڪيٽون ڏئي انهن جو اليڪشن خرچ پارٽي فنڊ مان ڀريو وڃي ۽ انهن کي بااختيار بڻايو وڃي ان سان سرداري نظام کي ڪاپاري ڌڪ رسندو. هن چيو ته ناظم جوکيي جو قتل سڄي انسانيت جو قتل آهي سردارن کي تمام گهڻي مڳي آهي جيڪي الله جي مخلوق کي مخلوق نه ٿا سگهن. هن چيو ته هاڻي سنڌ جو عوام سجاڳ ٿي رهيو آهي ۽ سنڌ تبديل ٿي رهي آهي. هن چيو ته سنڌ جي پوليس سردارن جي ڪمداري ڪري رهي آهي ان ڪري پوليس کي سنڌ حڪومت بجاءِ وفاقي حڪومت جي ماتحت ڪيو وڃي ان سان ئي سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿيندي.

  • سنڌ بي گناهن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ اٿي بيٺي آهي: اياز پليجو

    حيدرآباد (پ ر) سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو سان ملاقات سندس رھائشگاھ پرنس ٽائون بي 48 تي ملاقات ڪري ايس ايس ٽي قومي عوامي تحريڪ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو آھي۔ شموليت ڪندڙن ۾  فلاسفي ڊپارٽمنٽ جو شاگرد عدنان سومرو، سوشلاجي ڊپارٽمنٽ جي مھراب علي چاچڙ، ميڊيڪل جي شاگرد نيئر عباس، روھت ڪمار ۽ ٻيا شامل آھن. ان موقعي تي اياز لطيف پليجي  چيو آھي ته تعليم کانسواءِ سنڌ ترقي نٿي ڪري سگھي، اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ ھن وقت شھيد ناظم جوکيو شھيد فھميده سيال سميت بي گناهه مارجي ويل نياڻين ۽ نوجوانن جي خونن جي انصاف لاءِ اٿي بيٺي آهي. سنڌ کي جرڳائي نظام جي رستا روڪ ڪرڻ پوندي.

     

     

  • سنڌ ۾ سرداري نظام خلاف ڪروڌ برقرار. شهيد ناظم ۽ فهميده جي ناحق خون خلاف ريليون، ڌرڻا

    ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان) فطرت جي عاشق شهيد ناظم جوکيو ۽ معصوم نياڻي فهيده سيال جي سرداري نظام هٿان قتل خلاف سنڌ ۾ ڪاوڙ برقرار، مختلف شهرن احتجاج مظاهرا ۽ ريليون ان ڏس ۾مليل نمائندن جي رپورٽن موجب موري ۾ جسقم آريسر ڳواڻ اشرف لغاري، شاھنواز سنڌي، ديشي عابد ابڙو، ديشي اشفاق ملڪ، اشفاق چانڊيو، عبيدالله جويو، گل بھار ماڇي، حبيب الله مھر، شھباز سنڌي، وھاب کوکر، ڪاشف پيرزادو، منٺار لنڊ، فقير وزير چانڊيو، امام دين لانگاهه جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو جڏهن ته پيرولاشاري ۾ جميعت علماء اسلام جي مھراڻ جمالي، نظيرٽالپر، شعيب ڪنڀار، مولوي سليم الله جمالي، عبدالصمد جمالي، وڪيل عبدالرزاق ٽالپر  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي مدرسه مدينه  العلوم قاسميه کان ٿيندي گھڙو مين چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو. شھدادڪوٽ ۾ ايس ٽي پي ڪارڪنن حيات تونيو، شبير مگسي، امداد سومرو، رشيد مگسي، زاھد مگسي، محسن ميرجت ۽ ٻين اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي. سرحد ۾ سماجي تنظيم اسٽيپ آرگنائيزيشن پاران سيد صدر الدين شاهه بخاري، رڪن الدين شاهه، محمد يونس لغاري، استاد زمان چنو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جهانپور شريف ۾ احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻ خطاب ڪندي چيو ته ناظم جوکيو جو قتل ۽ فھميده سيال کي گوليون ھڻي قتل ڪيو ويو. سرداري نظام سنڌ لاءِ ناسور بڻيل آهي. هنن چيو ته عوامي آواز کي اسين جس ڏيون ٿا جنهن سرادري نظام خلاف للڪار ڪئي آهي. ته شھيد ناظم جوکيو جو  ناحق قتل سڄي انسانيت جو قتل سمجھون ٿا،غلامي سبب اھڙا واقعا روز جو معمول بڻيل آھن، سندس وني ۽ ڀاءُ کي بااثر ڌمڪيون پيا ڏين ھن مھل تائين ڌمڪيون ڏيندڙ بااثر قانون جي ڪٽھڙي ۾ ناھن آيا ۽ نه  ئي ڌمڪين جو   ڪو ڪيس وغيره داخل ڪيو ويو آھي، قاتل اويس جوکيو،گھرام جوکيو۽ ٻين ملوث جوابدارن جي ايف آر ۾ دهشت گردي جا قلم شامل ناھن ڪيا ويا. جيڪو سراسر ظلم ۽ زيادتي آھي ،اھڙي ناحق خلاف سڄي سنڌ سراپا احتجاج آھي اسان سنڌ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ، جسٽس صلاح الدين پنھور کان فورن مطالبو ۽ گھر ڪيون ٿا ته پاڻ مرادو نوٽيس وٺي سندس وني ڀاءُ ۽ معصوم ٻارن سان انصاف ڪيو وڃي ته جيئن وارثن مان بيچيني ختم ٿي سگهي. هنن اهو به چيو ته ڪيس جي پيروي ڪندڙ وڪيلن کي به تحفظ ڏنو وڃي.

     

  • شهيد ناظم قتل ڪيس ۾ اڳڀرائي، سندس موبائل فون کوهه ۾ اُڇلڻ جو اعتراف

    ڪراچي (رپورٽ: حفيظ ڦلپوٽو) شهيد ناظم جوکيو قتل ڪيس جي جاچ ۾ غيرمعمولي اڳڀرائي ٿي آھي، ايم پي اي جي ٻن محافظن جاچ ٽيم اڳيان شهيد ناظم کي قتل ڪرڻ بعد سندس موبائيل فون کوهه ۾ اُڇلڻ جو اعتراف ڪري ورتو آھي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته شهيد ناظم جو موبائل فون ميمڻ ڳوٺ ۾ 50 کان 60 فُٽ اونهي کوهه اندر اُڇليو ويو هو، کوهه ڪيترن ئي سالن کان خُشڪ آهي ۽ ماڻهو اُتي ڪچرو اُڇلي باهه ڏيندا آهن.پوليس موجب کوهه ۾ تپش سبب موبائيل فون هٿ اچي نه سگهيو، تپش گهٽجڻ بعد موبائيل فون هٿ ڪرڻ ۾ سولائي ٿيندي، پوليس کوهه ۾ ڪچرو اُڇلڻ ۽ باهه ڏيڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي، اُن کان اڳ جاچ ٽيم شهيد ناظم جي موبائيل فون جو رڪارڊ به هٿ ڪري ورتو هو.  03

    ناظم جوکيو  جي وڪيلن کي ڌمڪين جي مذمت ڪيون ٿا: دودو ديشي

    ڪراچي (پ ر ) جيئي سنڌ قومپرست پارٽي جي سربراه سوڀ قمرڀٽي ايڊڪيٽ ٻين مرڪزي اڳواڻن ڪامريڊ دودوديشي,سبحان جتوئي,سيف الله سرگاڻي,شيبرجمالي, انورجويوگڏيل بيان ۾  چيو ته نآظيم جوکيو جي ڪيس ۾ وڪلين کي ڌمڪين جي مذمت ڪيون ٿا,  موجوده وقت ۾ سنڌاندر خاص ڪري صوبي سنڌ اندر لاقانونيت عروج تي پھتل آھي سنڌ جو نوجوان پوليس گردي جي ور چڙھيل آھي روزانو مختلف شھرن جوکيو ڳوٺ ۾ناظم جوکيوجوقتل, راڌڻ ۾ اسلان ابڙوجو واقعو,خيرپورجوسو ۾ نياڻي فهيدا سيال جو قتل ۽ ڳوٺن ۾ غريب عوام ۽ پورھيتن مٿان وڏيرن جي چرچ تي پوليس پاران ڪوڙا ڪيس داخل ڪري نوجوانن کي گولين جو کاج بڻايو پيو وڃي ابڙا شھر ۾ ھاري اطھر سولنگي ۽ پورھيت محب سولنگي کي پوليس جڙتو مقابلو ڄاڻائي بيدردي سان قتل ڪري پوليس جي ڏاڍ مڙسي جو بدترين ثبوت پيش ڪيو آھي اسان ان واقعي جي سخت لفظن مذمت ڪريون ٿا ,پوليس سميت سمورا ادارا ڪرپشن جو ڳڙھ بڻيل آھن مھانگائي جو طوفان غريبن کان ٻن ويلن جي ماني ۽ تعليم کسي ورتي آھي ھن چيو ته نوجوان ناظم جوکيو۽ نياڻي فهيدا سيال جو قتل کليل دھشت گردي آھي سنڌ جو وڏو وزير قاتلن کي بچائيڻ لاء فوتي جي وارثن کي ڪوڙا دلاسا ڏئي رھيو آھي وفاقي سرڪار پابندي مڙھل تنظيم ٽي ايل پي سان ڳجھو معائدو ڪري قوم سان ويساه گھاتي ڪئي آھي ٽي ايل پي مٿان لڳل پانبدي ڪنهن به صورت ۾ نه ھٽائي وڃي ھن وڌيڪ چيو ته سنڌ اندر ھڪ سازش تحت ھارين کي نقلي زرعي دوائون ۽ ٻج ڏنا پيا وڃن سنڌ جي عوام کي حڪمرانن جي نااھلي  سبب پاڻي جي کوٽ ۽ ٻين مسٔلن کي پڻ منھن ڏيڻو پوي ٿو  ڪمند جو اڳھ صوبائي حڪومت مقرر نه ڪري آباد گارن جو استحصال ڪري  آھي سنڌ ۾ منشيات فروشن کي ھتان جي وڏيرن ۽ پوليس عملدارن جي حمايت حاصل جنهن جي ڪري ھو سرعام سنڌ جي واھڻ وستين ۾ موت مار منشيات وڪرو ڪري اسان جي نوجوان نسل کي تباھ ڪري رھيا آھن سنڌ اندر جلد جسقپ جي تنظيم سازي ڪري سنڌ جي حڪمرانن جو گھيراء ڪري عوام  کي حق وٺي ڏياريندا سين سنڌ جي حقن لاء اسان جي جدوجهد جاري رهندي,هن چيو ت وڪيلن کي ڌمڪيون ڏيڻ واري عمل جي مذمت ڪندي ت شھيد ناظم جوکيو جي قتلن کي سخت سزا ڏني وڃي, مظومن کي انصاف ڏنو وڃي.

     

  • ناظم جوکئي جي ماءُ پٽ جي خون جو انصاف وٺي:مائي جندو

    حيدرآباد (رپورٽر) سنڌ جي مزاحمتي ڪردار ٽنڊو بهاول سانحي جي شهيدن جي امڙ جندو شهيد ناظم جوکيو جي امڙ ۽ گهرواري ڏانهن نياپو ڏيندي چيو آهي ته شهيد ناظم جوکئي جي امڙ پنهنجي ٻچي جي خون جو انصاف وٺي. ٻئي ڄڙيون همت سان بيٺيون رهن. سنڌي عورت تنظيم جي اڳواڻن شهزادي ڀرڳڙي ۽ فرح جتوئي پاران سنڌي عورت تنظيم جي حيدرآباد ۾ 14 نومبر تي منعقد ٿيندڙ ڪانفرنس جي دعوت ڏيڻ دوران هڪ نياپو پڻ موڪليو آهي. امڙ جندو سوشل ميڊيا ذريعي هڪ وڊيو ڪلپ ۾ شهيد ناظم جوکيو جي امڙ ۽ گهرواري سان مخاطب ٿيندي چيو آهي ته هو هر صورت ۾ شهيد ناظم جوکيو جي خون سان انصاف جي لاءِ دليري سان بيٺيون رهن.

     

  • شهيد ناظم جوکيو جديد دور جو بڊاماڻي پنرو آهي: سورهيه سنڌي

    ڌاٻيجي (م ڊ ) جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري سورهيا سنڌي. شهيد شفيع محمد ڪرناڻي جي وڏي فرزند ڄام سنگھار ڪرناڻي. شهيد ناظم جوکيو جي ڀاءُ افضل جوکيو سان فاتح ڪئي. سورهيا سنڌي چيو ته شهيد قومن جو سرمايو هوندا آهن، شهيد ناظم جوکئي لطيف سرڪار جي قول مطابق بڊاماڻي پنرو. پکين جي رکوالي ڪندو هو پکين جو رکوالو هو. شهيد ناظم جوکيو جديد دور جو بڊاماڻي پنري جو لقب ڏيون ٿا. جنهن پرديسي پکين جي رکوالي ڪري قديمي ڪردار کي نئين انداز ۾ رکوالي ڪئي. شهيد ناظم جوکيو جي قتل ڪيس ۾ نامزد سڀني جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ شهيد جي ڀاءُ افضل جوکيو کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن وڃن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان. هاءِ ڪورٽ ان جو نوٽيس وٺي سڪيورٽي فراهم ڪري. شهيد جي فيملي هر وقت پريشاني ۾ گذاري رهي آهي ويتر هن کي ڌمڪيون ڏئي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ چيو پيو وڃي جنهن جي سخت مذمت ڪريون ٿا.

     

  • جوهي واسين جو پرديسي پکين جي مارين خلاف ريلي، ڌرڻو

    جوهي ( رپورٽ: ايم اسماعيل پيرزادو ) عرب شڪاري ڀڄايو، ڪاڇو بچايو، عرب شڪارين پاران ڪاڇي ۾ ناياب پکين جي نسل ڪشي خلاف جوهي ۾ ٻئي ڏينهن پلي ڪارڊ کڻي حاجي احمد جمالي، مهرالله، سمير گهُراماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري نيشنل پريس ڪلب جوهي دادو مين روڊ تي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي اڳواڻن الزام هڻندي چيو ته ڪاڇي اندر عرب شڪارين ۽ سندن مددگار ماڻهو ناياب پرڏيهي پکين جو سر عام قتل عام ڪري رهيا آهن. علائقو رهواسين لاءِ نوگو ايريا بڻايو ويو. ڳوٺاڻن جي پنهنجي ذاتي زمينن تي اچ وڃ تي به جهڙوڪ 144 قلم لاڳو ڪري گهرن تائين پابند ڪري ڇڏيو آھي سندن چوڻ آهي ته انهن لکين روپيا خرچ ڪري سرنهن جو فصل پوکيو آهي. پر روزانو فصل جي لتاڙ ڪئي پئي وڃي، هنن وڌيڪ الزام هنيو ته عرب شڪاري سندن راکن توڙي سهولتڪارن علائقي واسين لاءِ ڪاڇي جي ڌرتي ٽرامو ڪري ڏني آهي. مقامي سهولتڪار پيسن خاطر ماڻهن جي تذليل ۽ ناياب پکين جي نسل ڪشي ڪرائي رهيا آهن. هنن سنڌ هاء ڪورٽ جي چيف جسٽس آءِ جي سنڌ ، سيشن جج دادو ايس ايس پي دادو ۽ ٻين اختيارين کان پرزور مطالبو ڪيو آھي ته ڪاڇي اندر ايمر جنسي ۾  شڪار تي پابندي لڳائي ناياب پکين جي نسل ڪشي بند ڪرائي ذاتي زمينن تي قابض عرب شڪارين ۽ انهن جي سهولتڪارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪرائي ڪاڇو آزاد ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي

     

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.