احمد پور ۾ تشدد جو نشانو بڻايل ناري فوت

احمدپور (رپورٽ: نديم راجا ميتلو ) احمدپور ويجهو ڳوٺ چڪ شيخ جي رهواسڻ نوجوان ناري صوبيا ڌيءَ علي مردان شيخ فوت وئي، ناري جي پيءُ ۽ وارث عورتن احتجاج ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته 6 مهينا اڳ صوبيا کي نوجوان ساجد علي پٽ شهزادو شيخ سان پرڻايو هو هڪ مهينو اڳ نياڻي تي مڙس، ڏير، سس ۽ سهري سخت تشدد ڪري گهر ٻاهران ڦٽو ڪري ويا هئا. ڊاڪٽر ٻڌايو ته ناري کي دماغ ۾ گهرا ڌڪ لڳل آهن، جنهڪري ڪري ڳالهائڻ بند ٿي ويو آهي. ڌيءَ تشدد سبب فوت ٿي وئي آهي، ظلم ڪندڙ ظالمن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.