رستم ڀرسان جتوئين ۾ تڪرار تيز، وڌيڪ هڪ نينگر مارجي ويو، ڌرين ۾ ڇڪتاڻ

لکي غلام شاهه (رپورٽ: نديم جان مهر) رستم ٿاڻي جي حد ۾ جتوئي برادري جي چئن ڌرين سعد خاناڻي ڪمالاڻي عطراڻي گهراڻين وچ ۾ هلندڙ ڪارنهن تڪرار ۾ رت جي راند رڪجي نه سگهي، هٿياربندن ڳوٺ جيئل ڪمالاڻي ۾ گهر ٻاهران بيٺل 11 ورهين جي نينگر ساجد علي پٽ الهوڌايو ڪمالاڻي کي گولين جو کاڄ بڻائي ڇڏيو، نينگر جي قتل بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، اطلاع تي رستم پوليس پهچي واقعي واري هنڌ تان مقتول نينگر جو لاش ھٿ ڪري خانپور اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙهه وارث عورتن حوالي ڪري ڇڏيو، نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، وارث عورتون مقتول نينگر جي مڙھ کي چنبڙي ماتم ڪنديون رهيون، وارث عورتن الزام هنيو ته سعد خاناڻي جتوئين اسان جي ڳوٺ تي حملو ڪري نينگر کي قتل ڪيو آهي. ٻئي طرف جتوئي ڌرين وچ ۾ تڪرار تيز ٿيڻ بعد پنج ڏينهن ۾ 3 ڄڻا قتل ۽ 2 زخمي ٿي پيا آھن، تڪرار تان هيل تائين قتل ٿي ويلن جو انگ 28 ٿي ويو آھي ۽ 37 ڄڻا زخمي ٿي پيا آھن، جڏھن ته 3 ڏينهن اڳ قتل ٿيل يارمحمد عرف متارو عرف مدد ڪمالاڻي جي قتل جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آھي.پوليس جو چوڻ آهي ته مقتولن جا وارث ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ ايندا ته ڪيس داخل ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.