خاص ٽاسڪ وٺي آيل ايس ايس پي تنوير تنيو به تماشائي!

لکي غلام شاھ: جتوئي برادري جي چئن ڌرين ۾ هلندڙ قبائلي جهيڙي کي روڪڻ ۾ خاص ٽاسڪ ڏئي موڪليل ايس ايس پي شڪارپور تنوير تنيو به بيوس بڻجي هٿ ٻڌي ويهي رهيو آهي، جهيڙي کي ختم ڪرائڻ لاءِ ڪنهن به قسم جو نوٽيس ناهي ورتو نه وري ڪنهن سردار تي جهيڙي کي ختم ڪرائڻ پريشر وڌو ويو آهي، هن وقت ضلعي شڪارپور جي سڀ کان وڌيڪ خون جتوئي برادري جي جهيڙي ۾ وهڻ سبب شڪارپور جي سول سوسائٽي ۾ ڳڻتي جي لهر ڇائنجي وئي آهي.

  • جهيڙي سبب سوين ايڪڙن تي زمينون غيرآباد ٿي ويون، مالوند چاري لاءِ پريشان

لکي غلام شاھ: جهيڙي سبب سوين ايڪڙن تي زمينون غيرآباد ٿي ويون، ڳوٺاڻن پاران مال جو چارو نه هجڻ ڪري پنهنجو مال متاع وڪرو ڪرڻ لڳا آهن، جنهن سبب گذر سفر انتهائي مشڪل بڻجي ويو، علائقو معاشي طور ڪمزور ٿي ويو، ماڻهون فاقاڪشي تي مجبور ٿي ويا آهن.

  • ڪراچي ۾ مبينا مقابلي ۾ ھڪ جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار

    ڪراچي (رپورٽر) سچل ٿاڻي جي حد غازي ڳوٺ ڀرسان چانڊيا چوڪ اي وي ايل سي سچل پوليس ۽ ڏوھارين جي وچ ۾ مبينا مقابلي ۾ ھڪ جوابدار محمد پناھ ولد حاجي زاھد زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري طبي امداد جي لاءِ عباسي شھيد اسپتال منتقل ڪيو.

     

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.