حيدرآباد ۾ ون ويلنگ ڪندڙ نوجوان ڪري فوت

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ موٽرسائيڪل تي ون ويلنگ ڪندڙ نوجوان فوت ٿي ويو. جڏهن ته حادثي ۾ واٽهڙو عورت پڻ زخمي ٿي پئي. سائيٽٿاڻي جي حد زيل پاڪ وٽ ٽنڊو محمد خان روڊ تي ون ويلنگ دوران موٽرسائيڪل جو واٽهڙو عورت کي ٽڪر لڳو. جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار نوجوان روڊ تي ڪرڻ سبب فوت ٿي ويو جڏهن ته هڪ عورت زخمي ٿي پئي. فوتي نوجوان جي سڃاڻپ 24 ورهين جي بلال پٽ شفيع الله نيازي طور ٿي آهي. زخمي عورت جي سڃاڻپ 35 ورهين جي رخسانا زال سيد ڪامران طور ٿي جيڪا حيدرآباد جي هاشمي ڪالوني سائيٽ ايريا جي رهواسڻ ٻڌائي وڃي ٿي. پوليس موجب حادثو نوجوان پاران ٽنڊو محمد خان روڊ ذيل پاڪ وٽ ون ويلنگ ڪرڻ سبب پيش آيو. فوتي نوجوان اصل ميانوالي جو رهواسي ۽ هن وقت لطيف آباد نمبر 12 ۾ رهندڙ هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.