ڪراچي ۾ ڊينگي جهڙن وائرل انفيڪشن جو انڪشاف

ڪراچي (م ڊ) ڪراچي ۾ ڊينگي جهڙو وائرل انفيڪشن سامهون آيو آهي. ڊائو يونيورسٽي جي ماليڪيولر پيٿالاجي جي سربراهه ڊاڪٽر سعيد خان موجب شهر ۾ اهڙا مريض اچي رهيا آهن جن ۾ ڊينگي جون علامتون موجود آهن پر مريضن جي ٽيسٽ هاڪاري نٿي اچي.هن چيو ته اهڙن مريضن ۾ رت جا اڇا سيل ۽ پليٽليٽس به گهٽجي رهيا آهن جڏهن ته اهو ڊينگي جو ٻيو قسم به ٿي سگهي ٿو، ان حوالي سان وڌيڪ تحقيق جاري آهي. ڊاڪٽر سعيد خان چيو ته شهري پنهنجو جسم مڪمل ڍڪي رکن ۽ گهٽين، گهرن ۽ پاڙن ۾ پاڻي بيٺل نه هئڻ گهرجي. ٻئي طرف چلڊرن اسپتال ڪراچي جي ڊاڪٽر محمد زوهيب جو چوڻ آهي ته اهڙن مريضن لاءِ پليٽليٽس جا ميگا ۽ رينڊم يونٽ موجود نه آهن، جڏهن ته سنڌ رينجرز اسپتال جي پيٿولوجسٽ ذيشان حسين جو چوڻ آهي ته خوشقسمتيءَ سان هن وقت تائين ڪو به ماڻهو هن وائرس ۾ مبتلا ناهي ٿيو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.