شھدادڪوٽ ۾ شاگردياڻي کي هراسان ڪرڻ خلاف ڌرڻو، جاچ ڪاميٽي قائم

شھدادڪوٽ (ڊر) شھدادڪوٽ جي ھڪ سرڪاري اسڪول ۾ پنجين درجي جي شاگردياڻي سان ھڪ استاد پاران مبينا طور جنسي هراسان ڪرڻ واري واقعي خلاف شھر جي سياسي، سماجي ۽ مذھبي تنظيمن تي جوڙيل ” تعليم بچايو جدوجهد ڪميٽي“ جي سڏ تي شھر جي مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪري ڪوٽو موٽو چوڪ تي ڌرڻو هنيو،  ان موقعي تي ڌرڻي کي خطاب ڪندي ايس ٽي پي ضلع اڳواڻ ڪامريڊ حيات تنيو، شھري اتحاد اڳواڻ ڪامريڊ حبدار ميرجت، ايس يو پي اڳواڻ حاڪم مستوئي، الھداد خشڪ حمل خشڪ، پي ٽي آءِ اڳواڻ حاجي خان ڀٽو، جي يو آءِ اڳواڻ حافظ عبدالرزاق مگسي، عوامي تحريڪ اڳواڻ امداد لوهر ۽ ٻين چيو ته ھڪ استاد اسڪول اندر ھڪ نياڻي کي جنسي طور هراسان ڪري استادن جي مقدس پيشي کي بدنام ڪيو آھي انڪري ان استاد کي ڪنهن به صورت ۾ معاف ڪرڻ نه گھرجي، هنن تعليم کاتي جي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جي اعليٰ سطحي جاچ ڪرائي اسڪول ۾ نياڻي سان پيش آيل واقعي جو سختي سان نوٽيس ورتو وڃي، ھوڏانھن تعليم کاتي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي آفيسر نواب کوکر پاران معاملي جي شفاف جاچ لاءِ آفيسرن تي مشتمل ھڪ ٽي رڪني ڪاميٽي مقرر ڪئي آهي جيڪا جاچ ڪري رھي آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.